اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جو سربراهه ۽ وفاقي وزير اسد عمر ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿي ويو آهي، ڪورونا ٽيسٽ مثبت اچڻ کانپوءِ هن پاڻ کي گهر اندر آئسوليٽ ڪري ڇڏيو آهي. ملڪ ۾ ڪورونا وائرس خلاف ڪم ڪندڙ اداري اين سي او سي جو سربراهه ۽ وفاقي وزير اسد عمر ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿي ويو آهي، اهڙي تصديق هن سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ڪئي آهي. سندس چوڻ آهي ته ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو اچڻ کانپوءِ پاڻ کي گهر ۾ آئسوليٽ ڪري ورتو آهي.
