185

نيب ڪا ٻي ڌمڪي ڏئي، هن جي نوٽيس جي اهميت ردي کانسواءِ ڪجهه به ناهي: جي يو آءِ

لاهور (ويب ڊيسڪ) جميعت علماءِ اسلام جي مرڪزي ترجمان اسلم غوري پارٽي سربراهه مولانا فضل الرحمان کي نيب طرفان موڪليل سوال نامن جي ترديد ڪندي چيو آهي ته نيب ڌمڪيون ٻئي ڪنهن کي ڏئي، جيڪڏهن نوٽيس يا سوال ناما آيا ته رد ي کان سواءِ انهن جي ڪابه اهميت نه آهي. نيب جي طرفان مولانا فضل الرحمان کي موڪليل سوال نامي تي سخت رد عمل جو اظهار ڪندي پارٽي ترجمان اسلم غوري وڌيڪ چيو ته نيب ڌمڪيون ٻئي ڪنهن کي ڏئي، نااهل حڪمرانن خلاف تحريڪ جاري رهندي، هن چيو ته نيب جو ڪوبه نوٽيس يا سوال نامو نه مليو آهي، ڪو به نوٽيس يا سوال نامي جي ردي کان سواءِ ٻي ڪابه اهميت ناهي. ترجمان چيو ته نيب انتقامي ڪارروايون ڪرڻ لاءِ ادارو بڻايو ويو آهي. ياد رهي ته گذريل ڏينهن نيب مولانا فضل الرحمان کي خط لکي  سندس اثاثن جي تفصيل ڏيڻ لاءِ 19 سوالن جا جواب گهريا هئا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو