شڪارپور (ويب ڊيسڪ) شڪارپور ۾ ڪارنهن الزام هيٺ شاگرد ۽ ناري کي قتل ڪيو ويو آهي. شڪارپور جي اسٽيورٽ گنج ٿاڻي جي حد ۾ هٿياربندن نائين ڪلاس جي شاگرد منصور ميرجت ۽ ناري اقبال خاتون کي گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا. اطلاع تي پوليس پهچي ٻنهي مقتولن جا لاش اسپتال منتقل ڪيا، جيڪي ضروري ڪارروائي کانپوءِ وارثن حوالي ڪيا ويا آهن. مقتول نوجوان جي والد صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته منهنجي پٽ کي سندس دوستن گهرائي قتل ڪيو آهي، جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي. ٻئي پاسي پوليس جو چوڻ آهي ته شروعاتي جاچ مطابق جوابدارن ڪارنهن الزام هيٺ ٻٽو قتل ڪيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون.
