335

وفاق پاران نئين تعليمي پاليسي جوڙڻ جو فيصلو، صوبن کان تجويزون طلب

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) هڪجهڙي تعليمي نظام کانپوءِ سڄي ملڪ ۾ نئين ايجوڪيشن پاليسي 2021 تيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ايجوڪيشن پاليسي لاءِ وفاقي تعليم واري وزارت صوبن کان تجويزون طلب ڪري ورتيون آهن. وفاقي تعليم واري وزارت صوبن کان تجويزون طلب ڪيون آهن ته ايجوڪيشن پاليسي 2021 ۾ ڇا تبديليون ڪيون وڃن؟ وفاقي تعليم واري وزارت جي ايڊيشنل سيڪريٽري خط ذريعي سمورن صوبن، وائيس چانسلرن، تعليمي ماهرن ۽ لاڳاپيل عملدارن کان تجويزون طلب ڪيون آهن. سندس چوڻ آهي ته تعليمي معيار، اسٽينڊرڊ، ٻارڙن لاءِ پرائمري ۽ مڊل تعليم لاءِ عمر جي حد ڪيتري هجڻ گهرجي؟ اهو سڀ ڪجهه نئين پاليسي ۾ شامل ڪيو ويندو. وڏن جي تعليم، اسڪل ٽريننگ، اسڪولن ۾ ٽيڪنيڪل ۽ ووڪيشنل ايجوڪيشن به شامل ٿيندي. تعليم واري وزارت مطابق سمورا صوبا جنوري 2021ع تائين پنهنجيون تجويزون اماڻين، شروعاتي ڊرافٽ کي فيبروري 2021ع جي پهرين هفتي ۾ حتمي شڪل ڏني ويندي، فيبروري ۽ مارچ ۾ ڄاڻايل پاليسي تي سمورن اسٽيڪ هولڊرن سان ٻيهر صلاح مشورا ٿيندا، نئين تعليمي پاليسي جي حتمي منظوري 23 مارچ تائين ورتي ويندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو