266

”فوج منهنجي مٿان نه پر ماتحت آهي“ وارو بيان ڏيندڙ وزيراعظم تي رحم ٿو اچي: مريم نواز

 لاهور ( ويب ڊيسڪ) ”فوج منهنجي مٿان نه پر ماتحت آهي“  واري وزيراعظم عمران خان جي بيان تي ن ليگ اڳواڻ مريم نواز جو سخت رد عمل سامهون آيو آهي. مريم نواز سوشل ميڊيا جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري بيان ۾ چيو  آهي ته وزيراعظم جي حالت تي رحم ٿو اچي جنهن کي اهو ٻڌائڻو پئجي ٿو وڃي، باقي پاڻ خود سمجهدار آهيو، ٻانهون ماتحت آهي، مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز جو وڌيڪ چوڻ هو ته رياستي مشينري جو ناجائز استعمال ڪري ليگي عهديدارن کي گرفتار ڪري سگهجي ٿو، پر ووٽ کي عزت ڏيو وارو علم کڻي هلندڙ سپاهين کي روڪي نه سگهي. مريم نواز جو چوڻ هو ته مدثر قيوم ناهره جي گرفتاري ظاهر ڪري ٿي ته سليڪٽڊ حڪومت عوامي قهر جي سامهون کوڏا کوڙي چڪي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو