ليکڪ: اسماعيل لانگاهه
گاج بند انگريز سرڪاري پاڪستان جي آزادي کان پهرين ڪاڇي ۽ خاص طور دادو ضلعي ۾ آبپاشي کاتي لاءِ هڪ اهڙو ڪارنامو ڇڏيو آهي، جيڪو گاج نئين جي سيلابي وهڪرن ۾ ٽُٽڻ بعد سنڌ ۽ خاص طور دادو ضلعي جي آبپاشي کاتي لاءِ ٻيهر تعمير ڪرڻ چئلينج بڻيل آهي، پاڪستان جي آزادي کان پهرين انگريز سرڪار جي قابل تعريف رٿابندي سان آبپاشي نظام کي جهڙي ريت جوڙيو ويو، ان جي ٻيهر جوڙجڪ لاءِ ھن وقت سرڪار کي رٿابندي نه پئي ملي، جديد مشينري نظام متعارف ٿيڻ باوجود اسان وٽ ترقياتي منصوبن کي هروڀرو به رُلائي رُلائي ڪيو وڃي ٿو، جنهن منصوبن تي خرچ ڪيل رقمون به ڳاٽي ۾ پئجي وڃن ٿيون ۽ ڪروڙين رپيا ضايع ٿيڻ باوجود ماڻھن جي جان ۽ مال جو تحفظ نٿو ٿي سگهي، سنڌ جي آبپاشي نظام ۾ جڏھن دادو ضلعي جي جابلو ندي گاج کي لڳل گاج بند جو ذڪر ڪجي ٿو ته عوام جي دلين ۾ ھڪ خوف وارو ماحول پيدا ٿي وڃي ٿو، ڇو ته گاج نئين کي ڪاڇي واسي سنڌو درياھه سان ڀيٽين ٿا ۽ گاج بند هڪ موتمار رٿا طور تصور ڪئي وڃي ٿي، جيڪو ھن وقت تائين مختلف ورهين ۾ پنج کان وڌيڪ آيل ٻوڏن ۾ تباهه ٿيڻ کانپوءِ به نه ٻڌجي سگهيو آهي، هر سال مون سون برساتن بند کي نقصان رسايو آهي، مسئلو اهو آهي ته اونهاري جي برساتن دوران بند کي ٻوڏن دوران جيڪي ٽي هزار ڦُٽن تائين گهارا پيل آهن انهن کي بند ڪرڻ بدران ڪاڇي جي تباهه ٿيل روڊن جو عارضي بنيادن تي مرمت جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي، ڳالهھ اها چئبي ته جهڙي ريت روڊن جو بهتر هئڻ ڪاڇي جي ماڻھن لاءِ اهم آهي ۽ ايترو ئي گاج بند جي مرمت به ضروري آهي، ان ڪري سنڌ سرڪار ۽ آبپاشي کاتي لاءِ روڊن جون سهولتون ڏيڻ به بهتر آهي پر ڪاڇي ۾ ايندڙ هر چوماسيءَ جي برساتن ۾ تباهين جو اصل ڪارڻ نئين گاج کي لڳل بند جا گهارا آهن، جنهن کي وڏي سنجيدگي سان مرمت ڪري مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي، هن وقت ڪاڇي ۾ جيڪا تباهي آيل آهي انهي ۾ هڪ ٻه شهر نه پر ٻه هزار جي لڳ ڀڳ ننڍا ننڍا ڳوٺ ۽ شهر تباهه ٿيلن آهن، انهن ۾ روڊن جون اسڪيمون جيڪي ورهين کان رولڙي ۾ پيل آهن ۽ روڊ جي سهولتن کانسواءِ سڄو ڪاڇو سُور ۾ آهي، سفري سهولتن لاءِ روڊ ڪاڇي واسين لاءِ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکن ٿا، انهن جي اڻھوند سان ڪاڇو ڄڻ بنيادي سهولتن کان محروم آهي، سو سرڪار کي روڊن ۽ گاج بند جي ڪم ۾ ڪوتاهي ڪڏھن به نه ڪرڻ کپي اهو ڪاڇي جي هزارين انساني جانين جو مسئلو آهي، ڪاڇي واسي روڊ ٺاهڻ تي ڪنهن به صورت ۾ ارها نه آهن، پر اصل معاملو گاج بند جا اهي گهارا آهن، جيڪي ٻڌجڻ ضروري آهن، ڇو ته بند کي لڳل گهارا هر سال نه صرف ڳوٺ ۽ شهر ٻوڙين ٿا پر ان سان ايندڙ تباهي علائقي کي معاشي طور تي به پٺتي ڌڪي ڇڏي ٿي، گذريل برساتن دوران به جڏهن گهارا پيا ته اها صورتحال سنڌ حڪومت جي سنڀالڻ کان وڏي ٿي وئي هئي ۽ پاڪ فوج جي جوانن پهچي بند جي ٿوري گهڻي مرمت ڪئي هئي، پر هتي ڳالهه ٿوري مرمت کان مٿي چڙهيل آهي، ڇو ته جيڪڏهن اصل مسئلو نٿو ٿئي ته ٻين مسئلن جي حل لاءِ خرچ ڪيل رقم به لڙهي وڃي ٿي، ان ڪري روڊن ٺاهڻ کان اڳ گاج بند ٻڌڻ انتهائي ضروري آهي، جيڪڏهن گاج بند کي مضبوط ڪري علائقي جا تباهه ٿيل روڊ ٺاهيا وڃن ته اهي ديرپا هوندا، ٻي صورت ۾ وري برساتون اهڙا روڊ لوڙهي وينديون ۽ ان سان حڪومت جي نيڪ نامي نه ٿيندي، ڪاڇي واسين جي بنيادي ضرورت سڀ کان اول گاج بند ٻڌڻ آهي، جيڪڏهن اهو ائين ڇڏيو وڃي ٿو ته پوءِ وري ايندڙ سال چوماسيءَ جون اهڙيون خطرناڪ برساتون پيون ته روڊن تي خرچ ٿيل پئسا فضول خرچ ٿي ويندا، ان ڪري سنڌ سرڪار کي گذارش ٿي ڪجي ته ڪاڇي جي روڊن جي مرمتي ڪم کان اڳ گاج بند جو ڪم ڪرايو وڃي ته جيئن اتان جا رهواسي تڪليفن مان پنهنجي جند ڇڏائي سگهن ۽ ماڻھن جون قيمتي زندگيون به بچي پون ۽ گڏوگڏ علائقي ۾ ٿيندڙ معاشي نقصان کي به منهن ڏئي سگهجي ۽ رهواسين جا فصل ۽ گهر بچائي سگهجن.