ليکڪ: ”راز“علي گل ڀٽو
ڪي انسان ڄمندي ئي ڄام ھوندا آھن ۽ ڪي وري محنت ۽ اورچائيءَ سان اعليٰ مقام حاصل ڪندا آھن، ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو به اھڙن اورچ انسانن مان ھو، جنھن پنھنجي زندگيءَ جو سفر ڳوٺ گل محمد ڄامڙو کان شروع ڪيو، سندس حياتيءَ جو سفر پھرئين آگسٽ ١٩٧٢ع کان ھليو ۽ 16 ڊسمبر ٢٠٢٠ع تي سول اسپتال ڪراچيءَ جي آءِ سي يو وارڊ ۾ پورو ٿيو، جتي 48 سالن جي جوان عمر ۾ سندس ساهه جي تند تن کان جدا ٿي، سندس اولاد، عزيزن، شاگردن، دوستن ۽ مداحن جا سندس وڇوڙي تي جيءَ جھري پيا، سندس وڇوڙي جي خبر ڪکائين باهه جيان کن پل ۾سموري سنڌ ۾ پکڙجي وئي، ان خبر سان ھر اک آلي ۽ ھر دل رنجيده ٿي وئي، ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو سنڌ جي انھن ڪجهه اديبن ۽ تعليمدانن مان ھو جنھن کي جيترو جيئري مان مليو اوترو ماڻھو سندس مرتئي تي ماتم ڪده آھن، ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي ابتدائي تعليم پرائمري اسڪول گل محمد ڄامڙو، مئٽرڪ گورنمينٽ ھاءِ اسڪول راڻيپور، انٽر سچل سرمست ڊگري ڪاليج راڻيپور، بي اي آنرس ۽ ايم اي سنڌيءَ ۾ڪراچي يونيورسٽيءَ مان امتيازي حيثيت سان پاس ڪيائين، سندس اخلاقي ۽ ديني تربيت لاءِ کيس پنھنجي والده جي جھولي ۽ والد جو شفقت وارو ھٿ نصيب ٿيو، جنھن ڪري شروع ۾ئي ڳوٺاڻي علم، ثقافت، رسم ۽ رواج کان ڀلي ڀت واقف ٿيو، جنھن علم۾وڌيڪ اضافو سندس ڪتابن ۽ ڪتب خانن سان چاهه ڪيو، جيڪو پسنديده ڪتاب ھٿ اچي وڃيس ته راتين جون راتيون جاڳي پڙھي پورو ڪرڻ کان سواءِ ساھي نه کڻندو ھو، پنھنجي سنگت ۽ ھڪ جيڏن ۾ پڙھاڪو طور مشھوري ماڻيندڙ ڪمال ڄامڙو محنت ۽ جفا ڪشي سان ٢٠١٠ع تائين سنڌي لوڪ ادب ۾ڪراچي يونيورسٽيءَ مان ڊاڪٽريٽ جي سند حاصل ڪري ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو ٿي چڪو ھو، سندس سادگيءَ ۽نھٺائيءَ جو اھو عالم ھو جو کيس ڊاڪٽر چوائڻ تي ايتري خوشي نه ٿيندي ھئي، جيتري ڪنھن سندس تحرير جي واکاڻ تي سرھائي ٿيندي ھئس، ھينئر جيڪڏھن سندس پنجاهه کن ڪتابن ۽ ايترو ئي اڻ ڇپيل مواد ڏسجي ٿو، جنھن کي لکڻ لاءِ کيس گھٽ ۾ گھٽ چؤڻ تي ڪتاب پڙھڻا پيا ھوندا ته ذھن سوچڻ تي مجبور ٿئي ٿو ته آخر ڪار 48 سالن جي مختصر عمر ۾ ايترو لکڻ ۽ پڙھڻ باوجود ھن ننڊ ۽ آرام کي جسماني ضرورت لاءِ ڪيترو وقت ڏنو ھوندو.”ننڊ نھوڙيو جن، جاڳيون ڪين جتن سان“سندس ڪاميابين جو جيترو ذڪر ڪرڻ سولو آھي، اوترو ئي ڪاميابيءَ جي ان ڏاڪي يا منزل تي پھچڻ ڏکيو آھي، ايتري پڙھائي۽ لکائيءَ باوجود ماھوار رسالي ماھه نور، اسلاميه ڪاليج جي مئگزين، ٻين اخبارن، رسالن ۽ گڏجاڻين، مقالن، مضمونن لاءِ وقت ڪڍڻ به صرف ڊاڪٽر ڪمال جو ئي ڪمال ھو، سندس علم دوستي ۽ دلي دانشوري پري کان روشنيءَ ۾ڪنھن چمڪندڙ موتيءَ جيان آھي، ڳوٺ ڇڏي ڪراچي وسائڻ ۾ به سندس وڏو مقصد ھو، اڪثر ڪري چوندو ھو ته ”ڪراچيءَ جي وارثي به ته اسان کي ئي ڪرڻي آھي“، تنھن ھوندي به هن ڀونءِ کان ڀيرو نه ڀڳو ھو، مرڻي پرڻي، ڏک سک ۾عزيزن، دوستن ۽ پاڙي وارن سان ٻانھن ٻيلي ٿيو بيٺو ھوندو ھو، اڄ جتي سندس ٻه ڀائر، ھڪ پٽ، ٽي نياڻيون ۽ ھڪ بيواهه، رت جا رشتا، ھم جماعتي سندس مرتيي تي ڏکارا آھن، اتي سنڌ جا علم ۽ ادب دوست دانشور ،سندس استاد، ھمعصر، شاگرد، سگا ۽ سنڌي ادبي سنگت جو سمورو سٿ ساڻن گڏ نوحه خوان آھي، سندس مرتيو مجموعي طور تي سگا ۽ سنڌي ادبي سنگت جو نقصان ته آھي، پر سنڌي ادب پنھنجي ھڪ ڪل وقتي لکاريءَ کان محروم ٿي ويو آھي، جيڪڏھن ريڊيو ۽ ٽيليويزن جي طرف اچون ته اتي سندس بطور ڪمپيئر ۽ لکاري وڏو ڪم ٿيل آھي، جيڪو پڻ سھيڙجڻ جو گھرجاؤ آھي، ادبي عھدن جو ھي ڪڏھن به گھرجائو نه رھيو، پر ادب ۽ سماج جي گھرج ڪري تنظيمون پاڻ کيس عھدا آڇينديون ھيون، ھو سنڌي ادبي سنگت ڪراچي شاخ جو سيڪريٽري به رھيو، ھينئر به سگا ڪراچي شاخ جو متحرڪ صدر ھو، پنھنجي حدن۾ سندس سگا ۽ سنڌي ادبي سنگت لاءِ وڏيون خدمتون آھن، جيڪو ھڪ الڳ مڪمل باب آھي، ھو ھينئر به وفاقي اردو يونيورسٽي ڪراچي ڪئمپس ۾ سنڌي شعبي جو سربراهه ھو ۽ اڳ به پنج ڀيرا سنڌي شعبي جو سربراهه رھي چڪو آھي، پاڻ پويان ڪيترائي ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي جا شاگرد اشڪبار ڇڏي ويو آھي، پاڻ سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي ثقافت جو اھو خاموش خدمتگار ھو، جنھن سرڪاري ملازمت ھوندي به سنڌي ٻولي ۽ ثقافت جي واڌ ويجهھ لاءِ سرڪاري ادارن، ڪامورن، وزيرن ۽ سياستدانن ڏانھن خط لکيا ۽ روبرو ملاقاتون ڪري کين پنھنجين قانوني ۽ اخلاقي ذميوارين جو احساس ڏياريندو رھيو، ھر وقت متحرڪ رھندڙ ڊاڪٽر ڪمال الدين ڄامڙو شاهه ڀٽائي چواڻي ڪڏھن ورچي نه ويٺو، ھي علي احمد بروھيءَ جي مضمون ”ڄام، ڄاموٽ ۽ ڄامڙا“ جو ڄڻ ھڪ ڪردار آھي، سندس وصيت ھئي ته کيس چؤکنڊيءَ جي تاريخي قبرستان ۾ شمشيرالحيدري ۽ تاجل بيوس جي ڀرسان دفنايو وڃي، پر انتظاميا پنھنجي روايتي ھٺ ڪري سندس آخري خواھش پوري ڪرڻ نه ڏني، ان ڪري سندس تدفين شاهه عنايت ڳوٺ ڪراچيءَ جي قبرستان ۾ڪئي وئي، قبرستان ڪھڙو به ھجي، سنڌ جي مٽي سنڌ حوالي ٿي، آئون دعاگو آهيان ته الله تعاليٰ سندس مغفرت ڪري.