ليکڪ: رياض ابڙو
اها حقيقت مڃڻ کان انڪار ناهي ته دنيا جي تاريخ ۾”سول سوسائٽيز“ جا ڪجهھ اهڙا ڀرپور احتجاج به ڏٺا ويا آهن جن جي سختي تمام گهڻي رهي آهي، ماڻهن جي جاڳرتا، ماڻهن جي سوچ، ماڻهن جي سمجهھ، ماڻهن جي گڏجڻ جو محور، ماڻهن جو ولولو، انهن جي احتجاج ڪرڻ جي نيت غير سياسي طرز جي ڏٺي وئي آهي، انهن جي پٺيان ڪا پارٽي سرگرم ناهي هوندي، انهن جي پٺيان ڪو جهنڊا کڻي نڪرندڙ ڪارڪن نه هوندو آهي، پر انهن ماڻهن جي گڏجڻ ۾ صرف ”سول سوسائٽي“ جو ردعمل هوندو آهي، جيڪو وقت جي حڪمرانن جي غير انساني عملن جي خلاف هوندو آهي، ماڻهن جي پنهنجي زبردست انقلابي سوچ هوندي آهي، جيڪا انهن کي گهر کان ٻاهر ڪڍي ايندي آهي، انسانذات جو درد ماڻهن کي روڊن تي آڻيندو آهي، ۽ سندن اهڙو ڀرپور احتجاج وقت جي سرڪار جي ڪرسي ئي لوڏي ڇڏيندو آهي، انهن جي ”پاور فل“ سول سوسائٽي يا غير سياسي احتجاجن جي ڪري حڪومتون ٽِڪي ناهن سگهنديون، انهن کي پنهنجا فيصلا مٽائڻا پوندا آهن ۽ اهڙا ڀرپور احتجاج سول سوسائٽي کي سرخرو ڪري ڇڏيندا آهن، سول سوسائٽي طرفان ڪيل اهڙن تاريخي احتجاجن جيڪي انسانن تي ظلم جي خلاف ٿيا هجن، جن جي ٿيڻ جي نتيجي ۾ يا روڊن جي ڀرجي وڃڻ سان حڪومتن ۾ جاڳ آئي هجي، انهن تي هڪ نظر رکون ٿا.
جون 2020 ۾ آمريڪي رياست اندر وري نسل پرستي جي باهه ڀڙڪي هئي، آمريڪي گوري پوليس اهلڪار هڪ ڪاري نسل جي شهري جارج فلائيڊ کي وحشياڻي طريقي سان ماري وڌو هو، جنهن کانپوءِ احتجاجن جي نتيجي ۾ سڄي آمريڪا ٻري اٿي هئي، ماڻهن جو جوش ۽ درد ڏسڻ وٽان هو، هونئن ته رنگ ۽ نسل جي فرق جي ڪري جيتري نفرت آمريڪا ۾ آهي، اهڙي دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ ناهي، پر اهڙي ظلم خلاف جيترا احتجاج آمريڪا ۾ ٿيا آهن، اوترا به دنيا جي ڪنهن ڪنڊ ۾ نه ٿيا هوندا، ڀلي اهي 19 هين صديءَ ۾ مارٽن ڪنگ لوٿر جي دور ۾ ٿيا هجن، يا وري سورهين صديءَ ۾ جڏهن ڪارن جي لاءِ آمريڪي بسن، اسڪولن ۽ هوٽلن ۾ الڳ سيٽون رکيون وينديون هيون، زندگي جي هر موڙ تي ڪارن لاءِ جيتري نفرت انهن آمريڪي گورن وٽ هئي شايد ئي ڪنهن ٻئي جي لاءِ هجي، مينيپولس شهر ۾ 26 مئي 2020ع تي شروع ٿيندڙ اهو احتجاج تڏهن اڀريو هو جڏهن آمريڪي پوليس واري ڊيرڪ چاون 8 منٽن تائين جارج فلائيڊ جي ڪنڌ تي گوڏو رکي کيس تيستائين نپوڙي رکيو، جيستائين هن جو ساهه نه نڪتو هو، آمريڪي پوليس جي اهڙي رويي سڄي آمريڪا کي باهه وڪوڙي ڇڏيو هو، جنهن وري آمريڪا ۾ نسلي فرق جي نفرت جي باهه ڀڙڪائي ڇڏي هئي، وڏي پئماني تي ڀڃ ڊاهه، باهيون، ٽوڙ ڦوڙ ۽ احتجاجن آمريڪا جي سمورن شهرن کي وڪوڙي ورتو هو ۽ ان احتجاج جي نتيجي ۾ 12 ماڻهو مارجي ويا هئا، دڪانن تان زوري ڦرلٽ جي واقعن ۾ جيتري واڌ ڏٺي وئي، ايتري شايد آمريڪا جي سڄي تاريخ ۾ نٿي هوندي ۽ ان احتجاج کي روڪڻ لاءِ آمريڪا 20 هزار کان وڌيڪ سيڪيورٽي آفيسر رکيا هئا، جيڪي به اڻپورا ۽ ناڪافي هئا. واقعن جي ڪري آمريڪا جون 24 کان وڌيڪ رياستون ٽين وانگر کڙڪي ويون هيون، ٽرمپ جو اهڙو دور هونئن آمريڪا کي ڪنهن پٿر جي دور ۾ ڌڪڻ لاءِ ڪافي هو،ڇو ته هن جي دور ۾ وڏا سياسي ۽ سول احتجاج ٿيا هئا، جيڪي ان جي چونڊ ۾ هارائڻ جو سبب بڻيا ۽ کيس ڪرسيءَ تان هٽڻو پيو.
آمريڪا ۾ ئي هڪ ٻيو احتجاج جنهن تاريخ تبديل ڪئي ۽ جنهن ۾ هڪ لک جي لڳ ڀڳ ماڻهن مارچ ڪيو هو، اهو 22 اپريل 2017ع ۾ ٿيو هو، واشنگٽن ۾ ٿيندڙ اهڙو مارچ ”سائنس جي اهميت“ کي اجاڳر ڪرڻ لاءِ ڪيو ويو، اهو ميڙ ”پئرس جي ماحولياتي ٺاهه اي پي اي کي مڃڻ لاءِ هو“ ان ۾ ماڻهن پنهنجي حڪومت کان پرزور مطالبو ڪيو ته آمريڪا ان کي رد نه ڪري، ماڻهن جي صحت تي سودو نه ڪري، ڇو ته ٽرمپ ان ڳالهه تي اڳ ئي ٺٺول ڪري چڪو هو ته آمريڪا ان ماحولياتي گدلاڻ جي هروڀرو واري خرچ ۾ نه پوندو، آمريڪا ان اهڙي خرچائو مطالبي رد ڪري ٿو، ان کان اڳ دنيا جي 600 شهرن ۾ اهڙا احتجاج ٿي چڪا آهن، جن ۾ لکين ماڻهن شريڪ ٿي اهو چتاءُ ڏنو هو ته آمريڪي سرڪار جو اهڙو فيصلو قبوليت جوڳو نه آهي. جنوري 2017ع تي ٽرمپ جي 45 هين صدر طور قسم کڻڻ تي 4 لک 70 هزار کان وڌيڪ ماڻهن واشنگٽن ۾ احتجاج رڪارڊ ڪرايو هو، جنهن ۾ آمريڪي عورتن جي حقن جي سپورٽ ڪئي وئي هئي، ان احتجاج ۾ وڏي ايجنڊا صرف اها هئي ته ٽرمپ 1970ع کان وٺي هيل تائين 24 عورتن سان ڏاڍائي ڪري چڪو آهي، جنهن ۾ ٽرمپ عورتن سان سرعام محفلن، ميڙن ۽ هوٽلن ۾ شرمناڪ حرڪتون ڪري تذليل ڪئي هئي، ان ڪري اهڙي ماڻهو جي صدر ٿيڻ تي واشنگٽن ۾ اهو احتجاج عورتن جي حقن ۽ عزت کي اجاڳر ڪرڻ لاءِ ٿيو هو. اهڙو هڪ ٻيو احتجاج واري مئي 2020ع ۾ به ڪيو ويو هو، جنهن ۾ ان ساڳي اشو کي اڀاريو ويو هو ۽ سڄي آمريڪا ۾ اهڙا ننڍا وڏا 600 احتجاج ڪيا ويا هئا. انهن آمريڪي احتجاجن واري ڏينهن تي دنيا جي 81 ملڪن ۾ پڻ اهڙا احتجاج ٿيا هئا ۽ هڪ اندازي موجب 3 کان 5 ملين ماڻهن انهن ۾ شرڪت ڪئي هئي، جيڪي صرف ۽ صرف عورتن جي حقن کي اجاڳر ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيا هئا، آمريڪا جي سڄي تاريخ ۾ هڪ ڏينهن اندر ايترا احتجاج ورلي ڪيا ويا هوندا، جنهن ۾ وڏي انگ ماڻهن ۽ خاص ڪري عورتن شرڪت ڪئي هوندي. مذهبي لحاظ کان وري 1517ع ۾ پروٽيسٽنٽ جي نهايت ئي معنيٰ واري احتجاج جرمني جي چرچن ۾ وڏي آساني سان تبديليون آنديون هيون، جنهن جو محرڪ مارٽن لوٿر جي ڪيٿولزم خلاف ٿيسز هئي. جڏهن هن بائبل کي جرمني ٻولي ۾ ترجمو ڪيو هو، تڏهن اهي راز جرمن پروٽيسٽنٽ جي اڳيان رکيا هئا ۽ ان جي نتيجي ۾ وڏي رتوڇاڻ به ٿي هئي، سلطنت مذهبي طور ٻن حصن ورهائجي وئي هئي پر ڪنگ لوٿر جي اها ڪوشش وڏي ڪامياب وئي هئي ۽ هو مذهب ۾ گهربل ريفارمز آڻي ويو هو. هڪ ٻيو احتجاج برطانيا سرڪار خلاف هندستان جي ماڻهن ڪيو هو، ان احتجاج ۾ 60 هزار ماڻهو شريڪ ٿيا هئا ۽ پوءِ احتجاج جي جوش کي ڏسي سڄي دنيا جا ماڻهو هندستان جي ماڻهن جي همدردي طور تي ميدان تي لهي پيا هئا، جن برطانيا جي اهڙي عمل کي ننديو هو ۽ وري نالي ۾ وڏي مهذب هجڻ باوجود به بوستان ٽي پارٽي وڏي شدت واري ثابت ٿي هئي، ان احتجاج جو ڪارڻ صرف برطانيا جي زبردستي لڳايل ٽئڪسن کي رد ڪرائڻ هو، اهو احتجاج ڊسمبر 1773ع ۾ٿيو هو ۽ ان دوران 16 ڊسمبر جي ڏينهن ٽن ڪلاڪن ۾ 100 ڪالونسٽ وڏي رازداري سان 45 ٽن چانهه جي پتي پاڻي ۾ اڇلائي ڇڏي هئي. جنهن جي ڪري ان کي ”بوستان ٽي پارٽي“ سڏيو وڃي ٿو، وري نيلسن منڊيلا جي اي اين سي پارٽي 1950ع ۾ مخالف پارٽين جي روڪٿام لاءِ بل منظور ڪرايو هو، جنهن ۾ لکين آفريڪين پنهنجن گهرن اندر هڪ زبردست احتجاج رڪارڊ ڪرايو هو، جيڪو هڪ نه پر ڪيترائي ڀيرا ٿيو هو، ۽ 26 جون 1944ع تائين اهڙو احتجاج قومي ڏينهن طور ملهايو ويندو، وري مارٽن لوٿر جي تاريخي تقرير ”منهنجو هڪ خواب“ جيڪا 1963ع ۾ آمريڪا ۾ ريلي جي صورت ۾ هلائي وئي هئي، جنهن جو مقصد آمريڪا مان نسلي فرق ختم ڪرڻ هو، ان تاريخي تقريري احتجاج ۾ 2 لک کان وڌيڪ ماڻهن حصو ورتو، ماڻهو پرامن طريقي سان لنڪولن ميموريل واشنگٽن ڊي سي گڏ ٿيا هئا، جنهن جو مقصد صرف صدر جان ايف ڪينيڊي جو ڌيان ڇڪائڻ هو. اهڙو ئي هڪ ٻيو وڏو احتجاج بيجنگ تيانامن اسڪوائر تي 4 جون 1989ع ۾ ٿيو هو، جنهن ۾ رڳو شاگرد گڏ ٿيا هئا، اهو احتجاج 7 هفتن تائين مسلسل جاري رهيو، جنهن جو مقصد ملڪ ۾ سڌارا آڻڻ هو، ان دوران چين جي آرمي جي سر ٽوڙ ڪوشش هئي ته اها شاگردن کي ڇڙ وڇڙ ڪري ۽ ان دوران ڪيترائي شاگرد زخمي ڪيا ويا، ڪيترائي ماريا ويا، جنهن تي چين مٿان سڄي دنيا ۾ سخت تنقيد به ٿي هئي، وري 28 سالن کانپوءِ ڏکڻ ۽ اولهه جرمني ۾ هڪ زبردستي ڳانڍاپي جي لهر اڀري آئي هئي، جيڪا ٻن مهينن جي لڳاتار احتجاج کانپوءِ ساڳئي سال نومبر جي مهيني ۾ ختم ٿي وئي هئي، احتجاج دوران ماڻهن ڌرڻا هڻي ڏکڻ ۽ اولهه جرمني جا وڏا دروازا کولرائي ڇڏيا هئا ۽ ٻنهي حصن کي گڏ ڪرائي ڇڏيو هو. وري مارچ 2003ع ۾ لنڊن ۾ لکين ماڻهو گڏ ٿيا هئا، جن جو پرزور مطالبو هو ته عراق واري جنگ بند ڪئي وڃي، ان احتجاجي ميڙ ۾ دنيا جي سمورن نسلن ۽ قومن جا ماڻهو گڏ ٿيا هئا ۽ سندن اهڙي مطالبي تي عراق ۾ جنگبندي جو اعلان ڪيو ويو هو، برطانيا جي تاريخ جو اهو پهريون ڀرپور احتجاج هو، ڏٺو وڃي ته اسان وٽ اهڙي تاريخ رهي ئي نه آهي، جنهن ۾ سول سوسائٽي نه صحيح ڪا سياسي پارٽي ئي صحيح جنهن ڪو اهڙو احتجاج ڪيو هجي يا وري ڪا پارٽي عام ماڻهن جا سور کڻي وڏا جلسا ڪري ثابت ڪيو هجي ته اهي سياست نه پر عوام لاءِ خالص بنيادن تي احتجاج ڪري رهيا آهن.