نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني نوجوان وائيٽ هائوس ۾ ماحوليات بابت ڊپٽي ڪوآرڊينيٽر مقرر ڪيو ويو آهي ، اهڙو حڪم نامو آمريڪا جي نئين صدر جوبائيڊن جاري ڪري ڇڏيو آهي، علي زيدي هن وقت نيويارڪ ۾ توانائي ۽ ماحوليات بابت ڊپٽي سيڪريٽري طور ڪم ڪري رهيو آهي، هاڻي کيس آمريڪا جي نئين صدر کيس نئين ذميواري سونپي آهي. هائوس ۾ ماحول جي بهتري لاءِ ڊپٽي ڪوآرڊينيٽر مقرر ٿيڻ تي پاڪستاني 33 ورهين جي نوجوان علي زيدي سوشل ميڊيا جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي اهڙي تصديق ڪندي چيو آهي ته آمريڪا جي نئين وزيراعظم جوبائيڊن جو فون آيو ته حيران ٿي ويس، علي زيدي جو اهو به چوڻ هو ته وائيٽ هائوس ۾ ذميواري ملڻ منهنجي لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي، هن چيو ته موسمياتي بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان کي حڪومت جي هڪ مڪمل طريقيڪار جي ضرورت آهي، جيڪو ملازمن کي حوصلا افزائي ۽ انصاف ڏيڻ ۾ بهتري آڻي.
211