298

بلوچستان ۾ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ٻن ڀائرن سوڌو 4 ڄڻا قتل

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان ۾ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن جي  فائرنگ ۾ ٻن ڀائرن سوڌو 4 ڄڻا قتل ٿي ويا آهن. ايس ايس پي مستونگ محمد بلوچ مطابق مستونگ ويجهو ڪلي چڪل هارون واري علائقي ۾ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن فائرنگ ڪري دڪان تي ويٺل ٻن ڀائرن شبير احمد ۽ منير کي قتل ڪري ڇڏيو. جڏهن ته بولان جي علائقي غازي ۽ قلات جي علائقي توڪ ۾ اڻڄاتل هٿياربندن جي  فائرنگ ۾ 2 نوجوان قتل ٿي ويا آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو