278

ريلوي کي ڪمرشل اداري جيان هلائڻ جو فيصلو، وفاقي وزير اعظم سواتي پاران هيڊ ڪوارٽر جو دورو

لاهور (ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير اعظم خان سواتي چيو آهي ته ريلوي کي ڪمرشل اداري جيان هلائينداسين، هن اهڙن خيالن جو اظهار وزارت ملڻ کان پوءِ پهريون ڀيرو ريلوي هيڊ ڪوارٽر لاهور جو دورو ڪندي ڪيو، ان موقعي تي ريلوي واري وفاقي وزير جو وڌيڪ چوڻ هو ته ريلوي جو  سياست سان ڪوبه تعلق نه هوندو،  نه سياست هوندي ۽ نه ئي باهرين مداخلت. منهنجون سموريون ڪوششون ۽ تعلق ريلوي لاءِ استعمال ٿيندا ۽ ريلوي کي ڪمرشل اداري طور هلايو ويندو.هن وڌيڪ چيو ته آمدني جو سڌو سنئون تعلق ملازمن جي ڪارڪردگي سان آهي،  ريلوي وزير  وڌيڪ چيو ته ريلوي ۾ مئنيجمينٽ آٽو مشين ۽ ٽيڪنيڪ جي کوٽ نظر  اچي رهي آهي، جتي بهتري جي ضرورت آهي، ان کي نوٽ ڪيو آهي بهتري جي ڪوشش ڪنداسين.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو