267

اورڪزئي ۾ مسافر بس کاهي ۾ ڪري پئي، 3 عورتون فوت، 11 ڄڻا زخمي

ڪوهاٽ (ويب ڊيسڪ) اورڪزئي ۾ مسافر بس کاهي ۾ ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 3 عورتون فوت ۽ 11 مسافر زخمي ٿي پيا آهن. رپورٽن مطابق اورڪزئي کان خيبر ويندڙ مسافر بس فيروز خيل جي علائقي بانڊه ۾ موڙ ڪاٽيندي اونهي کاهي ۾ ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ بس ۾ سوار 3 عورتون فوت ۽ 11 ڄڻا زخمي ٿي پيا. پوليس جو چوڻ آهي ته حادثو تيز رفتاري سبب پيش آيو، فوتين جا لاش ۽ زخمين کي ڪوهاٽ اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو