283

عدالتي نظام ۾ جمهوري قدر آڻي بار ۽ بينچن ۾ فاصلن کي ختم ڪنداسين: چيف جسٽس

لاهور (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد چيو آهي ته اسان پنهنجي عدالتي نظام ۾ جمهوري قدر آڻينداسين، وڪيلن ۽ ججن ۾ موجود فاصلن کي گهڻو گهٽ ڪيو آهي، جسٽس گلزار احمد پنجاب بار ڪائونسل  لاهور  ۾ وڪيلن کي خطاب ڪندي وڌيڪ  چيو ته بينچ ۽ بار جي وچ ۾ فاصلن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ اسان نوان رستا ڪڍي رهيا آهيون، وڪيلن ۽ ججن جي وچ ۾ جيڪي فاصلا هئا انهن کي ڪافي حد تائين گهٽ ڪري ڇڏيو آهي، وڪيل ۽ جج جي وچ ۾ معاملن کي ٻنهي ڌرين کي اعتماد ۾وٺي عملي جامو تيار ڪيو آهي، وڪيلن جي صلاح مشوري سان ججن جا گهڻا معاملا درست ڪيا آهن . گڏيل صلاح مشوري سان وڌيڪ جج ڀرتي  ڪنداسين. چيف جسٽس جو چوڻ هو ته وڪيل برادري پنهنجي ڪم ۾ نوان طريقا ڪڍي، جڏهن کان جج ٿيو آهيان منهنجي سامهون ڪنهن به وڪيل قانوني ڪتاب ناهي کوليو، ڪنهن وقت مان به گرم مزاج وڪيل هئس، وڪيلن کي ڪنهن  به طرح سان پُرتشدد نه ٿيڻ گهرجي. جج صاحبان سان وڙهڻ جي ڪابه ضرورت نه آهي، وڪيل ۽ جج  ۾ ڪوبه فرق نه آهي، اسان پنهنجي نظام ۾ جمهوري قدر آڻينداسين، انهن جمهوري قدرن تحت اسان اڳتي وڌنداسين.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو