لاهور (ويب ڊيسڪ) بوم بوم شاهد آفريدي قلندرز ڪٽنب جو حصو بڻجي ويو آهي ۽ هو ابوظهبي ٽي ٽين ليگ ۾ قلندر ٽيم جو آئيڪون پليئر هوندو. ابوظهبي ٽي ٽين ليگ جي ٽيم قلندرز جي مالڪ عاطف رانا لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي آئيڪون پليئر جو اعلان ڪيو آهي، جڏهن ته قلندرز سان گڏ چوڌري عمر جي ڪمپني سان به گڏجڻ وارو اعلان به پريس ڪانفرنس ۾ ڪيو ويو. عاطف رانا جو چوڻ هو ته اڄ اهو اعلان ڪندي وڏي خوشي محسوس ٿي رهي آهي ته شاهد آفريدي قلندر ڪٽنب جو حصو بڻجي ويو آحي ۽ هو 28 جنوري کان شروع ٿيندڙ ابوظهبي ٽي ٽين ليگ ۾ قلندر جو آئيڪون پليئر هوندو. شاهد آفريدي جو چوڻ هو ته اڄ قلندرز ڪٽنب جو حصو بڻجڻ تي خوشي محسوس ٿي رهي آهي، خواهش تمام گهڻي پراڻي هئي، لاهور قلندرز سڄو سال ڪم ڪري ٿي رڳو هڪ مهيني جي سرگرمين تائين محدود نٿي رهي، ان لاءِ قلندرز ڪٽنب جو حصو بڻجڻ اعزاز آهي. قلندرز جي ڪوچ عاقب جاويد جو چوڻ هو ته شاهد آفريدي کان وڌيڪ ڪو آئيڪون پليئر نٿو بڻجي سگهي، هو اڪيلي سر اسٽيڊيم کي ڀري سگهي ٿو، تمام خوش آهيون جو هن ڀيري شاهد آفريدي اسان جو حصو آهي.
