لاهور (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ٽيم ايڊيليڊ ٽيسٽ ۾ پنهنجي گهٽ اسڪور 39 رنسن تي ڍير ٿي وئي. رپورٽن مطابق ڀارتي ٽيم ايڊيليڊ ٽيسٽ ۾ پنهنجي گهٽ اسڪور 39 رنسن تي ڍير ٿي وئي، ان کان اڳ گهٽ ترين 42 رنسون هيون جيڪي انگلينڊ خلاف لارڊز ٽيسٽ ۾ 1947ع ۾ ٺاهيون ويون هيون، ڀارت جا 9 بيٽسمين آئوٽ جڏهن ته محمد شامي رٽائرڊ هرٽ ٿيو، ڪنهن هڪ کي به ڊبل فگر تائين رسالي نه ملي سگهي. جوش هيزل ووڊ 5 ۽ پيٽ ڪمنز 4 شڪار ڪيا، پهرين اننگ ۾ 191 تائين محدود رهندڙ آسٽريلوي ٽيم کي ڪاميابي لاءِ رڳو 90 رنسون گهربل آهن.
