259

رياست مدينا ٺاهڻ ۾ 23 ورهيه لڳا هئا، اسان کي طعنا نه ڏنا وڃن : مولانا نورالحق قادري

اسلام آباد  ( ويب ڊيسڪ)مذهبي معاملن واري وفاقي وزير نور الحق قادري چيو آهي ته رياست مدينا ٺاهڻ ۾ 23 ورهيه لڳا هئا، اسان کي طعنا نه ڏنا وڃن ، هن ڪرسمس جي موقعي تي سينٽ انٿوني اسڪول ۾ بين المذاهب هم آهنگي جي حوالي سان منعقد ڪيل تقريب کي خطاب وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ اقليتن کي مذهبي آزادي سڀني کان وڌيڪ مليل آهي،  وزيراعظم عمران  خان همشيهه مذهبي آزادي جي ڳالهه ڪئي آهي. هن چيو ته رياست مدينا ۾ انصاف ۽ اهليت جي بالادستي هئي، رياست مدينا ٺاهڻ ۾ 23 ورهيه لڳا هئا، اسان کي طعنا نه ڏنا وڃن ، پاليسين جي تسلسل سان ئي رياست مدينا جو قيام ئي قوم جو مستقبل جڙيل آهي،

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو