ميرپورخاص(بيورورپورٽ ) جماعت اسلامي پاڪستان جي امير سينيٽر سراج الحق چيو آهي ته ملڪ جا ڪروڙين ماڻهو بُک، بدحالي جو شڪار آهن، حڪومت جي نااهلي جي ڪري عوام مهانگائي جي چڪي ۾ پيسجي رهي آهي، بک، بدحالي، بيروزگاري ۽ مهانگائي جي ڪري غريب ماڻهون خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آهن، حڪومت ۽ اپوزيشن مفادن جي جنگ ۽ نورا ڪشتي کيڏي رهيا آهن، جماعت اسلامي مهانگائي، بيروزگاري، ڪرپشن، اٽي، کنڊ، سيمنٽ جي مافيائن جي خلاف ۽ تحفظ ختم نبوت ۽ اهلبيت ۽ اصحابين جي ناموس لاءِ تحريڪ جي شروعات ڪري چڪي آهي. اهڙو اظهار هن عالم دين حڪيم اميرالدين جي وفات تي سندس پونيئرن سان تعزيت ڪرڻ کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته جماعت اسلامي ملڪ کي حقيقي معنيٰ ۾ فلاحي رياست ٺاهڻ جي عملي جدوجھد ۾ مصروف آهي، هن چيو ته موجوده حڪومت مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي، حڪومت کي فوج جي پشت پناهي حاصل آهي ۽ عوام عمران خان مان بيزار ٿي چڪي آهي هن حڪومت مان عوام جي جند ڇڏائڻ لاءِ احتجاجي جلسن جلوسن جي شروعات ڪندي، ان حوالي سان پهريون جلسو 25 ڊسمبر تي گجرانوالا ۾ منعقد ڪيو ويندو، هن چيو ته جماعت اسلامي فرد نه پر نظام کي تبديل ڪرڻ جي ڳالهھ ڪري ٿي، برابري جي بنياد تي پوري ملڪ ۾ چونڊون ٿيڻ سان ئي حقيقي طور نظام ۾ تبديلي آڻي سگھجي ٿي. موجوده چونڊ نظام ارب پتي ۽ ڪروڙ پتي ماڻهن لاءِ اقتدار حاصل ڪرڻ جو رستو ٺاهي ٿو. اهڙين حالتن ۾ عام ماڻهو ايوان تائين پهچڻ جو سوچي به نو ٿو سگھي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته عمران خان جي حڪومت چوي ٿي ته فوج اسان سان گڏ آهي انهي مان واضع ٿئي ٿو ته عمران خان کي عوام جي سپورٽ ناهي، هو عوام جي ووٽ ۽ حمايت کان محروم ٿي چڪو آهي، حڪومت وقت کان اڳ سينيٽ جون چونڊون ڪرائڻ ۽ شو آف هينڊ ذريعي ڪرائڻ چاهي ٿي جنهن مان لڳي ٿو ته حڪومت کي پنهنجن ئي ميمبرن تي اعتماد نه رهيو آهي ڇاڪاڻ ته هو عوام سان جيڪي واعده ڪري حڪومت ۾ آيا هئا انهي تي هڪ سيڪڙو به عمل نه ٿي سگھيو آهي جنهن ڪري عوام ۾ حڪومت کان سخت مايوس ۽ بيزار ٿي چڪو آهي. ان موقعي تي پارٽي اڳواڻ ڪاشف سعيد شيخ، عبدالحفيظ بجاراڻي، مولانا عبدالقدوس احمداني، محمد افضال آرائين، حاجي نورالاهي مغل، رفيق چوهاڻ، عبدالرشيد ۽ ٻيا موجود هئا.
305