295

ميهڙ ۾ واپارين جو بااثر جوابدارن جي مبينا ڌمڪين خلاف احتجاجي مظاهرو ، پريس ڪانفرنس، انصاف جو مطالبو

ميهڙ(ن سوڀ) ميهڙ شهر جي واپارين روشن لاشاري، وڪيل عبدالوحيد لاشاري، رياض خاصخيلي ، وحيد چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ بااثر جوابدارن جي ڌمڪين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو،  ان موقعي تي واپاري اڳواڻن  پريس ڪانفرنس ڪندي واپاري اڳواڻن چيو ته جوابدار نظير احمد کوسو مون کان شھزور گاڏي ورتي هئي جنهن جي رقم 1475000  آھي هنن ان جي عيوض مون کي چيڪ ڏنا هئا هاڻي جوابدار مون کي پئسا نه پيا ڏين ۽ مون کي ڌمڪيون پيا ڏين مون سمورا ڪاغذ ۽ تفصيل ميهڙ پوليس کي ڏنا پر ميهڙ پوليس جوابدارن خلاف ڪارروائي نه پئي ڪري، جوابدار نظير کوسو ،غلام نبي، برڪت، خالد ۽ جبار کوسو ۽ ٻيا مون کي قتل ۽ اغوا جون ڌمڪيون پيا ڏين ته جيڪڏهن  ڪا به قانوني ڪارروائي ڪئي ته توکي قتل ڪنداسين. هن چيو ته  جوابدار بااثر آھن روز هٿيار کڻي  ڌمڪائين پيا.هنن ايس ايس پي دادو ۽ ٻين کان گهر ڪئي آھي ته اسان شريف شهري آھيون جوابدار ڪاروبار ڪرڻ نه پيا ڏين ، بااثر ۽ ڏوهاري جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو