انقره (ويب ڊيسڪ) ترڪي جي هڪ اسپتال جي ڪورونا مريضن لاءِ مقرر وارڊ ۾ اوچتو باهه ڀڙڪي اٿي، جنهن جي نتيجي ۾ 8 مريض سڙي فوت ٿي ويا، جڏهن ته 14 ڄڻا زخمي ٿي پيا. رپورٽن مطابق ترڪي جي صوبي غازيانتپ ۾ سانڪو يونيورسٽي اسپتال جي آءِ سي يو يونٽ ۾ باهه ڀڙڪي اٿي، ان وارڊ ۾ ڪورونا جا مريض علاج هيٺ هئا، ڏسندي ئي ڏسندي باهه سموري وارڊ کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو، فائربرگيڊ جي پهچڻ تائين 8 مريض سڙي فوت ٿي ويا، جڏهن ته 14 زخمين کي ٻئي وارڊ منتقل ڪيو ويو.
269