ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گذريل 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 17 مريض فوت ٿيا آهن جڏهن ته فوتين جو انگ وڌي 3319 تائين پهچي ويو آهي ۽ 10372 ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن جي نتيجي ۾ 1120 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن. اها ڳالهه سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وزيراعليٰ هائوس مان جاري ڪيل هڪ بيان ۾ ٻڌائي. هن چيو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 17 مريض پنهنجون حياتيون وڃائي ويٺا جنهن کانپوءِ فوتين جو مجموعي انگ 3319 ٿي ويو آهي جيڪو فوتين جي شرح جو 1.6 سيڪڙو آهي. مراد علي شاهه چيو ته 10372 نمونا ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن جي نتيجي ۾ 1120 ڪيس ظاهر ٿيا جيڪي موجوده تشخيصي شرح جو 10.8 سيڪڙو آهن. هن وڌيڪ چيو ته هيستائين 2222406 ٽيسٽ ٿي چڪا آهن جنهن جي نتيجي ۾ 204103 ڪيس پڌرا ٿيا آهن جنهن ۾ گذريل 88 سيڪڙو يعني 179780 مريض صحتياب ٿيا جنهن ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 914 مريض پڻ شامل آهن. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته هن وقت 21004 مريضن جو علاج جاري آهي جن ۾ 20158 گهرن ۾، 15 آئسوليشن سينٽرن ۽ 831 مختلف اسپتالن ۾ آهن. هن وڌيڪ چيو ته 727 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وئي آهي ۽ 66 مريضن کي وينٽيليٽرز تي منتقل ڪيو ويو آهي. بيان موجب 1120 ڪيسن مان 910 ڪيس ڪراچي سان لاڳاپيل آهن جن ۾ ضلع اوڀر 347، ضلع ڏکڻ 290، ضلع سينٽرل 117، ضلع ملير 71، ضلع ڪورنگي 61 ۽ ضلع اولهه 24 شامل آهن جڏهن ته ٻين ضلعن ۾ حيدرآباد 33، سانگهڙ 28، ٺٽو 15، شهيد بينظير آباد 13، جيڪب آباد ۽ شڪارپور 12-12، ميرپورخاص ۽ گهوٽڪي 10-10، نوشهروفيروز ۽ بدين 7-7، لاڙڪاڻو ۽ عمرڪوٽ 6-6، خيرپور ۽ مٽياري 5-5، ٽنڊوالهيار 4، سکر 3، دادو ۽ قمبر ۾ 1-1 ڪيس رپورٽ ٿيا. وڏي وزير سنڌ صوبي جي عوام تي زور ڏنو آهي ته وائرس جي پکيڙ تي ضابطو آڻڻ لاءِ ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪيو وڃي.
266