307

وارهه ۾ پ پ تعلقي ڪائونسل جو اجلاس، يونٽن ۽ ونگن جي عهديدارن ۽ ڪارڪنن جي ڀرپور شرڪت

وارهه ( ن سوڀ) وارھ  ۾پاڪستان پيپلزپارٽي ضلعي صدر قمرالدين گوپانگ جي صدارت هيٺ وارھ تعلقي جو اجلاس ٿي گذريو جنهن ۾ تعلقي جي 10 ئي يونين ڪائونسل جي عهديدارن جي شرڪت ڪئي ، اجلاس ۾ 27 ڊسمبر شهيد راڻي بينظير ڀٽو جي ورسي ۾ ڀرپور شرڪت جو فيصلو  ڪيو ويو، اجلاس ۾ پ پ ضلعي انفارميشن سيڪريٽري ڊاڪٽر نياز حسين چانڊيو پڻ خصوصي طور شرڪت ڪئي جڏهن ته وارھ تعلقي جي ٻن ٽائون گاجي کهاوڙ وڳڻ ٽائون سميت 10 ئي يونين ڪائونسل يوسي ميرپور يوسي لعلورائينڪ يوسي آباد يوسي کنڊو يوسي ڪلر يوسي نور آباد يوسي حمل يوسي جوڻاڻي جي پارٽي اڳواڻن ۽  پ پ  يوٿ  سپاف هاري ڪاميٽي عهديدارن انگ شرڪت ڪئي  اجلاس کي پ پ وارھ تعلقي صدر رياض الدين ابڙو ، سٽي صدر قيصرخان ڇٽو، يوٿ تعلقي صدر ابراهيم ڀٽي، جنرل سيڪريٽري بشير احمد ميرجت،  رضوان پيچوهو، رانجهن تنيو ، بابو خدا بخش چانڊيو ،رئيس سراج الدين ابڙو، رئيس طارق حسين راڌاڻي چانڊيو، حاجي فقير محمد تنيو، رئيس بشير خان چولياڻي، طارق چولياڻي، ظھور حسين چانڊيو، روشن علي چانڊيو ،اياز ملاڻو،باغي راجا ٻرڙو ، ثناءَ الله  چولياڻي، سجاد سومرو، حبيب الله بليدي، رئيس عامر ڪلهوڙو، حاجي امير مغيري، ساجد علي تنيو، سبز علي کهاوڙ، وحيد ٻگهيو ۽ ٻين محترمه بينظير ڀٽو جي 13 ورسي ۾ ڀرپور شرڪت ڪرڻ اعلان ڪيو .اجلاس جي ڪارروائي پ پ سٽي  جنرل سيڪريٽري ذوالفقار هيرو سومرو هلائي. ان موقعي تي اجلاس جي صدارت ڪندڙ حاجي قمرالدين گوپانگ چيو ته 27 ڊسمبر تي جيالا ڀرپور شرڪت ڪري پنهنجي شهيد قائد سان عهد وفا جو ثبوت ڏيندا. پي ڊي ايم قيادت شهيدن جي سرزمين ڳڙهي خدا بخش ڀٽو پهرين ڀيرو خطاب ڪندي جيڪو پيپلزپارٽي لاءِ پڻ اعزاز هوندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو