اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بني گالا ۾ احتجاج لاءِ ايندڙ پنجاب جي سرڪاري استادن تي پوليس شيلنگ ڪئي آهي. رپورٽن مطابق پنجاب جي مختلف علائقن کان مطالبن جي مڃتا لاءِ آيل استادن بني گالا ۾ وزيراعظم جي گهر آڏو ڌرڻو هنيو، جنهن تي پوليس شيلنگ ڪئي آهي، ان کانسواءِ پوليس جي وڏي نفري مقرر ڪري وزيراعظم جي گهر طرف ويندڙ رستي کي سيل ڪيو ويو آهي. پوليس پاران شيلنگ ۽ رستو بند ڪرڻ کانپوءِ استادن بهاره ڪهو روڊ تي احتجاج شروع ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سبب مري ۽ ڪشمير کان ايندڙ ٽريفڪ بيهجي وئي آهي. مظاهرين جو مطالبو آهي ته پنجاب جي سرڪاري اسڪولن ۾ 7 سالن کان ڪانٽريڪٽ تي ڪم ڪندڙ استادن جي مستقلي پبلڪ سروس ڪميشن جي امتحان ۽ انٽرويو پاس ڪرڻ سان لاڳو ڪئي وئي آهي، جيڪا سراسر ناانصافي آهي، وزيراعظم عمران خان ۽ تعليم وارو وفاقي وزير شفقت محمود پنجاب حڪومت کي سيڪينڊري اسڪول ايجوڪيٽرز جي غير مشروط ريگولرائيزيشن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ته جيئن اعليٰ تعليم يافتا ۽ شاندار ڪارڪردگي جو مظاهور ڪندڙ استادن مطمئن ٿي پنهنجا فرض سرانجام ڏئي سگهن.
287