306

ميهڙ تعلقي انتظاميه اگهور ننڊ سُتل هجڻ ڪري شهر ۾ رستن تي والار سبب شهري ڏچي ۾، اسپتال تائين مريضن پهچڻ به محال بڻيل

ميهڙ ( رپورٽ : عبدالغني ميراڻي )ميھڙ جي مين روڊ ، شاھي بازار،  اناج منڊي، ريشم گلي،  سونارڪي بازار ، سبزي گوشت مارڪيٽ سوڌو شھر جي مختلف مين چوراھن ۽ رستن مٿان ڪيترن ئي ورهين  کان والار جو آزار برقرار  هجڻ ڪري شهرين جي زندگي عذاب بڻجي وئي آهي،  شھر جي مين روڊ تي دڪاندارن پاڻمرادو والار وڌائي مسواڙ تي ريڙھا بيھاري ڇڏيا  آهن ۽ موبائيل مارڪيٽ ٽاور چوڪ وٽ موبائيلن جي دڪاندارن پاران ڊائونلوڊنگ لاءِ ڪمپيوٽر رکي پڻ روڊ کي بند ڪيو ويو آهي جڏهن ته ٽريفڪ جو  اهو آزار قاضي عارف چوڪ، گاھي مھيسر چوڪ، راڌڻ بس اسٽاپ، ٻيٽو چوڪ، حيدرآباد،  دادو ۽ خيرپور ناٿن شاهه وين اسٽاپ، نئون ڳوٺ، شاهه پنجو اسٽاپ ۽ ڪار اسٽاپ شهر  ۾ هجڻ سوڌو تعلقي اسپتال ميهڙ کان مين روڊ ميهڙ وين اسٽاپ تائين هر وقت ٽريفڪ جو آزار برقرار رهڻ سبب ماڻھو ڪافي اذيتن کي منهن ڏيڻ لڳا آهن ڪيترائي ڀيرا مريض حادثي ۾ زخمي ٿيندڙ ماڻهون تعلقي اسپتال به نه ٿا پهچي سگهن. اهڙي آزار  خلاف شھرين سول سوسائيٽي جي اڳواڻن ممتاز سڪندر اظھر علي شاھد خان سرفراز علي نديم احمد ۽ ٻين روزاني سوڀ سان ڳالهائيندي چيو ته مين روڊ جي 30 فوٽ ويڪر ھوندپ ھو پر هينئر اها ويڪر 5 فوٽ کان به گهٽ ٿي وئي آهي دڪاندارن مين روڊ مٿان والار ڪري مسواڙن تي ريڙها گاڏا بيھاري ڇڏيا آھن ۽ وين اسٽاپ ٽاور چوڪ تي ھجڻ ڪري اسڪول ويندڙ نياڻيون پڻ پريشان رھن ٿيون. جڏھن ته رڪشا گڏهه گاڏن ۽ موٽرسائيڪلن جي اچ وڃ جي ڪري ماڻهو ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڦاٿل رهن ٿا، ڪيترائي ڀيرا مريض ايمرجنسي سبب هن روڊ تان گذرڻ ڪري اسپتال به نه ٿا پهچي سگهن ،خاص ڪري عورتن کي تمام گهڻي مشڪلاتن کي منهن ڏسڻو پوي ٿو پر افسوس جو ايترو آزار هجڻ ڪري ميھڙ جي انتظاميا پڻ آفيس تائين محدود بڻيل آھي جنهن کي ميھڙ جي عوام جو آزار نظر نه  ٿو اچي ۽ نه ئي وري ميونسپل انتظاميا هن تي ڪابه توجهه ڏئي ٿي ۽ شهرين کي بي يارو مددگار ڇڏيو ويو آهي ميھڙ جي شهرين طرفان سپريم ڪورٽ ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس صاحبان، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ ڊي سي دادو کان مطالبو ڪيو آهي ته ميھڙ شهر جي مين روڊن تان والار هٽرائي روزگار ڪندڙ ريڙهي گاڏي وارن  گوشت سبزي فروٽ کپائيندڙ مزدورن کي پڻ هڪ متبادل جڳهه ڏئي وين ڪار ۽ ڊاٽسنن جو اسٽاپ شهر کان ٻاهر ڪڍي مين روڊ کي آزاد ڪيو وڃي ته جئين شهرين سان پيش ايندڙ مسئلا حل ٿي سگهن ۽ شهر جو مين روڊ به بحال ٿي سگهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو