258

بخشاپور ويجهو 8 ورهين جو معصوم نينگر پراسرار بيماري سبب هلڻ ڦرڻ کان لاچار

بخشاپور( ن سوڀ) بخشاپور ويجهو ڳوٺ محڪم الدين ڊومڪي ۾ پورهيت هاري رحيم بخش گولاٽو جو 8 ورهين جو معصوم پٽ شوڪت گولاٽو پراسرار بيماري سبب گهمڻ ڦرڻ کان لاچار ٿي ويو آهي،  معصوم نينگر جي والد رحيم بخش ۽ امڙ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته هڪ سال جي عمر ۾ هن کي تيز بخار ٿيو، رحيم يار خان جي اسپتال ۾ علاج ڪرائڻ کانپوءِ هي هلڻ کان لاچار ۽ دماغي توازن به وڃائي ويٺو. هنن چيو ته گهر جو الهھ تلھه کپائي سکر ۽ لاڙڪاڻي جي اسپتال مان علاج ڪرائڻ بعد به معصوم پٽ جي طبيعت ۾ سڌاريو ڪونه اچي سگهيو آهي، غربت سبب پٽ جو وڌيڪ علاج نٿا ڪرائي سگهون. هنن سنڌ جي وڏي وزير،  صحت کاتي جي وزير، ڊي سي ڪشمور ۽ ڊي ايڇ او ڪشمور کي اپيل ڪندي چيو ته معصوم ٻچڙي جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرايو وڃي ته جيئن هو معذوري واري زندگي گذارڻ کان بچي سگهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو