281

آمريڪي نائب صدر کي ڪورونا ويڪسين لڳرائڻ وارو عمل سڌو سنئون ٽي وي تي ڏيکاريو ويو

واشنگٽن ڊي سي ( ويب ڊيسڪ) آمريڪي نائب صدر مائيڪ پينس کي ڪورونا ويڪسين لڳرائڻ وارو عمل سڌو سنئون ٽي وي تي ڏيکاريو ويو ان موقعي تي آمريڪي نائب صدر جي گهر واري ڪيرن پينس کي به ڪورونا ويڪسين لڳائي وئي، ملڪ ۾ ڪورونا کان بچائڻ جو پهريون ٽڪو لڳرائڻ وارو عمل سڌو سنئون ٽي وي تي ڏيکارڻ جو مقصد عوام جو اعتماد بحال ڪرڻ هو، آمريڪي ميڊيا مطابق نائب صدر مائيڪ پينس ۽ ان جي گهر واري سيڪنڊ ليڊي ڪيرن پينس کي ڪورونا ويڪسين جو پهريون ٽڪو وائيٽ هائوس ڪيمپس  جي آئرن هاور ايگزيڪيوٽو آفيس ۾ لڳايو ويو جنهن عمل کي سڌو سنئون ٽي وي تي ڏيکاريو ويو. ان موقعي تي نائب صدر طبي عملي سان ڳالهائيندي چيو ته مون کي ٽڪي لڳرائڻ دوران ڪابه تڪليف محسوس نه ٿي ، اوهان تمام سٺو ڪم ڪيو آهي. اسان بلڪل ٺيڪ آهيون ۽ ٻيو ڊوز  21 ڏينهن کان پوءِ لڳايو ويندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو