178

پاڪستان عمران خان جي قيادت ۾ ترقي ۽ خوشحالي جي راهه تي تيزي سان اڳتي وڌي رهيو آهي: شبلي فراز

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته هڪ طرف ٻاهريان دشمن انڊين ڪرانيڪلز جي ذريعي پاڪستان جي خلاف ڪوڙي معلومات پکيڙڻ جو ڏوهه ڪري رهيا آهن ته ٻئي طرف پي ڊي ايم ڪوڙ جو سهارو وٺي عوام ۾مايوسي پکيڙي رهي آهي، ٻنهي جي ڪوڙ جو واپار رنڱيل هٿن سان پڪڙيو ويو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته گذريل رات مناظري ۾ شاهد خاقان عباسي جي اها ئي حالت هئي جيڪا ”هارڊ ٽاڪ“ ۾ استحاق ڊار جي هئي، سچ جي سامهون انهن جا هٿ پير سڄي ويندا آهن، هن چيو ته نديم بابر (ن) ليگي ڪوڙ جا ذرا ذرا ڪري ڇڏيا، هاريل ٽيم جي ٽاپ رانديگرن جي بي وسي ۽ لاچار ڏسڻ وٽان هئي، ملڪي ايڪسپورٽس ۾ اضافو گذريل 10 سالن جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو آهي، هن چيو ته مايوسي پکيڙيندڙ عنصرن مايوس ۽ ناڪام رهندا، پاڪستان عمران خان جي قيادت ۾ ترقي ۽ خوشحالي جي راهه تي تيزي سان اڳتي وڌي رهيو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو