اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پيٽروليم ڊويزن واري ترجمان چيو آهي ته جنوري ۾ گئس جي گهرج پوري ڪرڻ لاءِ ايل اين جي جي 12 ڪارگوز جو انتظام ڪيو ويو آهي، ڪابينا جي منظور ڪيل لوڊمينيجمينٽ پلان تي عملدرآمد جاري آهي، ضرورت پئي ته سي اين جي ۽ ڪيپسٽو پاور جي لاءِ گئس جي فراهمي ۾ گهٽتائي ڪئي ويندي، هڪ بيان ۾ ترجمان چيو ته حڪومت جنوري 2021ع جي لاءِ 12 ايل اين جي ڪارگوز جو انتظام ڪيو آهي، هڪ ڪارگو جيڪو 30 ڊسمبر تي طئي ڪيو ويو هو ۽ جنوري 2021ع تي سپلائي ڪرڻو هو، جيڪو ڪجهه ڏينهن پهرين منتقل ڪيو ويو ان کانسواءِ ڪجهه ڪارگوز ۾ گئس جي ماپي ۾ به اضافو ڪيو ويو آهي، ترجمان چيو ته انهن ٺوس قدمن سان گڏ هلندڙ سردي جي موسم ۾ ڪابينا مان منظور ٿيل لوڊمينيجمينٽ جي منصوبي تي عمل جاري آهي، ضرورت موجب بنيادي طور تي سي اين جي ۽ ڪيپسٽو پاور جي لاءِ به گئس جي فراهمي ۾ ڪٽوتي ڪئي ويندي، هن چيو ته گذريل هفتي ايس اين جي پي ايل ريجن ۾ شهرين ۾ گئس جي گهرج ۾ 9 سيڪڙو کان وڌيڪ اضافو ٿيو آهي جنهن جي ڪري سخت سيءَ جي لهر جي نتيجي ۾ پريشر ۾ گهٽتائي واقعي ٿي آهي، ايس ايس جي سي کي ڪراچي ۽ ڪوئيٽا ۾ انهي طرح جي گهٽتائي درپيش آهي.
277