276

سڳيون ڀرسان ٽرالر موٽر سائيڪل مٿان چڙهي ويو، عورت چيڀاٽجي فوت، ٻه زخمي

سڳيون ( ن سوڀ) سڳيون ڀرسان، سڳيون ،هنڱورجا لنڪ روڊ تي ونگ اسٽاپ وٽ تيز رفتار ٽرالر موٽر سائيڪل مٿان چڙهي ويو جنهن جي نتيجي ۾ لوئر سيٺارجا جي ڳوٺ ولي محمد ڪلهوڙي جي رهواسي عورت اميران رند فوت ٿي وئي، سندس نوجوان پٽ نظير احمد رند ۽ مريم رند زخمي ٿي پيا جڏهن ته هڪ 10 مهينن جي ڌي سهانا رند معجزاڻي طور بچي وئي.  ٻڌايو پيو وڃي ته سڳيون جي ڪچي واري علائقي مان  مل طرف ڪمند کڻي ويندڙ ٽرالر موٽر سائيڪل مٿان چڙهي ويو، ڊرائيور ٽرالر ڇڏي موقعي تان فرار ٿي ويو ويو، جڏهن ته حيد جي پوليس ٽرالر پنهنجي تحويل ۾ پڻ وٺي ڇڏيو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو