185

گڏيل قومن جي مبصرين کي نشانو بڻائڻ ڀارتي سفاڪيت ۽ پاگل پڻي جي انتها آهي: علي امين گنڊا پور

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وفاقي وزير علي امين گنڊا پور ايل او سي تي ڀارتي جارحيت ۽ هروڀرو جي فائرنگ جي مذمت ڪندي چيو آهي ته گڏيل قومن جي مبصرين کي نشانو بڻائڻ ڀارتي سفاڪيت ۽ پاگل پڻي جي انتها آهي، ڀارت ايل او سي تي جنگ بندي معاهدي جي مسلسل خلاف ورزي ڪري رهيو آهي، هتي جاري بيان موجب علي امين گنڊا پور چيو ته ڀارت پاران ايل او سي تي سول آبادي کي نشانو بڻائڻ معمول بڻجي چڪو آهي، ايل او سي تي محدود قسم جي فوجي ڪارروائي ڀارت جي خام خيالي آهي، علي امين گنڊاپورچيو ته ڀارت پاران ڪنهن به اشتعال انگيز ڪارروائي جو منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين، گڏيل قومن جي مبصرين کي نشانو بڻائڻ جي ڪارروائي سان ڀارتي انتهاپسندي جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو، علي امين گنڊاپور چيو ته گڏيل قومن ۽ عالمي دنيا کي ڀارتي انتهاپسند قدمن جي روڪٿام ڪرڻي پوندي، نازي جرمني جي فسلفي تي عمل پيرا هندو انتهاپسند ڀارت عالمي امن جي لاءِ هڪ وڏو خطرو بڻجي چڪو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو