220

سڄي ملڪ ۾ گيس جو بحران شدت اختيار ڪري ويو،سنڌ ۾ چلها وسامي ويا،عوام سخت پريشان،صنعتي علائقن ۽ سي اين جي اسٽيشنن کي فراهمي بند

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر/م ڊ) سنڌ ۾ گيس جو شديد بحران، سي اين جي ۽ ڪراچي صنعتي ايريا کي فراهمي معطل، گهريلو صارفين کي به گهٽ فراهمي ڪئي پئي وڃي، رپورٽ موجب ٿڌ وڌندي ئي ملڪ جي مختلف علائقن ۾ گيس جي بحران وڌيڪ شدت اختيار ڪري ويو آهي، صنعتي ۽ گهريلو صارفين راهه ڏسڻ تي مجبور ٿي ويا آهن، سنڌ ۾ گيس جي شديد کوٽ پيدا ٿي وئي آهي، سي اين جي، آر ايل اين جي ۽ ڪراچي جي سائيٽ صنعتي ايريا کي گيس جي فراهمي مڪمل طور معطل ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ڪورنگي صنعتي زون ۽ فيڊرل بي ايريا ۾ به گيس جو پريشر صفا گهٽ آهي، لياري، نارٿ ڪراچي، سرجاني ٽائون ۽ لانڍي ۾ گيس جي شديد لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي، هوڏانهن اورنگي، بلديا ۽ ملير ۾ گيس پريشر نه هجڻ جي برابر آهي، ٻئي طرف اسلام آباد سميت پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ به سي اين جي اسٽيشنن کي گيس جي فراهمي بند ڪئي وئي آهي، پيٽروليم ڊويزن جي ترجمان موجب ٿڌ جي شدت ۾ واڌ بعد گيس جي کپت وڌي آهي، سي اين جي اسٽيشنن کي گيس جي فراهمي بند ڪري ڇڏي آهي، 23 ڊسمبر تي ٻيهر بحال ڪئي ويندي، لوڊ 9 سيڪڙو وڌيو آهي، جنوري 2021ع لاءِ 12 ايل اين جي ڪارگو جهازن جو انتظام ڪري ورتو آهي، 30 سيڪڙو وڌيڪ ۽ سستي ايل اين جي گهرائي رهيا آهيون، ڪابينا جي منظور ڪيل لوڊمينيجمينٽ پلان تي عملدرآمد جاري آهي، ضرورت پئي ته سي اين جي ۽ ڪيپسٽو پاور جي لاءِ گئس جي فراهمي ۾ گهٽتائي ڪئي ويندي، هڪ بيان ۾ ترجمان چيو ته حڪومت جنوري 2021ع جي لاءِ 12 ايل اين جي ڪارگوز جو انتظام ڪيو آهي، هڪ ڪارگو جيڪو 30 ڊسمبر تي طئي ڪيو ويو هو ۽ جنوري 2021ع تي سپلائي ڪرڻو هو، جيڪو ڪجهه ڏينهن پهرين منتقل ڪيو ويو ان کانسواءِ ڪجهه ڪارگوز ۾ گئس جي ماپي ۾ به اضافو ڪيو ويو آهي، ترجمان چيو ته انهن ٺوس قدمن سان گڏ هلندڙ سردي جي موسم ۾ ڪابينا مان منظور ٿيل لوڊمينيجمينٽ جي منصوبي تي عمل جاري آهي، ضرورت موجب بنيادي طور تي سي اين جي ۽ ڪيپسٽو پاور جي لاءِ به گئس جي فراهمي ۾ ڪٽوتي ڪئي ويندي، هن چيو ته گذريل هفتي ايس اين جي پي ايل ريجن ۾ شهرين ۾ گئس جي گهرج ۾ 9 سيڪڙو کان وڌيڪ اضافو ٿيو آهي جنهن جي ڪري سخت سيءَ جي لهر جي نتيجي ۾ پريشر ۾ گهٽتائي واقعي ٿي آهي، ايس ايس جي سي کي ڪراچي ۽ ڪوئيٽا ۾ انهي طرح جي گهٽتائي درپيش آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو