ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري بلوچستان نيشنل پارٽي جي چيئرمين سردار اختر مينگل سان سندس رهائش تي ملاقات ڪئي ۽ ملڪ جي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، پ پ پ ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ سردار اختر مينگل جي ملاقات دوران ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن حڪومت خلاف پي ڊي ايم جي تحريڪ سميت اهم سياسي معاملن تي ڳالهيون پڻ ڪيون. جڏهن ته بلاول ڀٽو زرداري سردار اختر مينگل کي شهيد بينظير ڀٽو جي شهادت واري ڏينهن تي ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ رٿيل جلسي ۾ شرڪت ڪرڻ جي دعوت ڏني، ان موقعي تي بلاول ڀٽو چيو ته بلوچستان جي وسيلن تي سڀ کان پهرين بلوچ عوام جو حق آهي، بلوچستان جون محروميون ختم ڪرڻ کانسواءِ پاڪستان جي ترقي ممڪن نه آهي.
256
پیوستن به جامعه از افراد موفق که پول در اینجا.
پیوند – – https://plbtc.page.link/aF8A
کسب درآمد اضافی بدون تلاش.
پیوند – – https://plbtc.page.link/aF8A