اسلام آباد(م ڊ) اسلام آباد ۾ استادن جو احتجاج، بني گالا ڏانهن وڃڻ جي ڪوشش دوران لٺبازي، شيلنگ، ڪيترائي استاد گرفتار ڪيا ويا، رپورٽ موجب پنجاب جي مختلف شهرن ۾ وڏي انگ ۾ آيل استادن مستقل ڪرڻ جي لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ ڌرڻو هنيو، مظاهرين وزيراعظم هائوس ڏانهن وڃڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي بني گالا ڏانهن ويندڙ سمورا رستا سيل ڪيا ويا، مظاهرين اڳيان وڌڻ جي ڪوشش ڪئي ته پوليس سان چڪريون ٿي پيون، جنهن تي اهلڪارن مٿن لٺبازي ڪئي، ڳوڙها آڻيندڙ گيس جي شيلنگ ڪئي، لٺبازي دوران ڪيترائي استاد زخمي ٿي پيا، جڏهن ته ڪيترائي گرفتار ڪيا ويا، هوڏانهن احتجاج ڪندڙ استادن جي اڳواڻن ڌاهيندي چيو ته پنهنجن حقن لاءِ احتجاج ڪرڻ تي لٺبازي ڪئي وئي آهي.
