194

ڀرياسٽي ويجهو ڪلهوڙا برادري جي ٻن ڌرين ۾ سڱاوتي تڪرار تان جهيڙو، هڪ ڄڻو قتل، 3 زخمي

ڀرياسٽي (ن سوڀ) ڀرياسٽي جي ڳوٺ دالي ۾ ڪلهوڙا برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي سڱاوتي تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو، جهيڙي سبب فائرنگ، ڪهاڙيون ۽ گهرن کي باهيون لڳڻ سبب 4 ڄڻا حفيظ ڪلهوڙو، مجبتيٰ ڪلهوڙو، غلام قادر ڪلهوڙو ۽ عبدالجبار ڪلهوڙو سخت زخمي ٿي پيا، زخمين کي ڀرياسٽي پوليس اسپتال آندو ويو، جتي هڪ ڄڻو عبدالجبار ڪلهوڙو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو، جڏهن ته ٽن ڄڻن حفيظ ڪلهوڙو، مجبتيٰ ڪلهوڙو ۽ غلام قادر ڪلهوڙو  جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ ڪري کين نوابشاهه اسپتال منتقل ڪيو ويو،  ان سلسلي ۾ زخمي جي ڀاءُ رفيق احمد ۽ حفيظ ڪلهوڙي جي گهر واري شاهدان ڪلهوڙو ٻڌايو ته اسان جي برادري جي رشتيدارن جو پاڻ ۾ سڱاوتي تڪرار هلندڙ آهي، جوابدار لالو ڪلهوڙو،سيف الله، محسن مظفر، نديم نعيم، محمد علي، حاجي مسڪين ۽ مومن علي وارن هٿيارن ۽ ڪهاڙين جا وار ڪري  اسان جي گهرن کي باهيون ڏئي ڀاتين کي زنده ساڙڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، هنن ٻڌايو ته اسان جو پراڻو تڪرار هلندڙ آهي، پوليس روايتي سستي جو ڪردرار ادا ڪندي بااثرن جي ونگارون وهندي پئي اچي، هنن چيو ته پوليس بروقت ڪارروائي ڪري ها ته هي وڏو جهيڙو نه ٿئي ها، هنن چيو ته جوابدار گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي ، جڏهن ته ٻئي ڀرياسٽي ايس ايڇ او قربان ڪلوڙ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڌرين جو پاڻ ۾ پراڻو سڱاوتي تڪرار هلندڙ آهي، پهريان به جهيڙا ٿيا، هن وقت زخمين کي کڻائي اسپتال داخل ڪيو آهي، وڌيڪ زخمين کي ميڊيڪل ليٽر ڏئي نوابشاهه اسپتال منتقل ڪيو آهي، جلد جاچ ڪري جوابدار گرفتار ڪيا ويندا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو