207

ميرپورخاص ۾ گهر کي هيٽر مان باهه، گهر ڌڻي سڙي فوت

ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ميرپورخاص جي علائقي حميد پوره ڪالوني جي گھر کي باهه لڳڻ سبب گھر جي  پهرين منزل تي تعمير ٿيل گھر جي ڪمري ۾ سُتل 50 ورهين جو معين الدين پٽ پروفيسر معراج الدين (مرحوم) سڙي فوت ٿي ويو، باهه لڳڻ جي اطلاع تي فائيربرگيڊ عملي وقت سر پهچي لڳل باهه تي ضابطو آڻي آس پاس جي گھرن کي سڙڻ کان بچايو، جڏهن ته پهرين منزل تي تعمير ڪيل گھر جي ڪمري ۾ رکيل قيمتي سامان ۽ الهھ تلهھ سڙي رک ٿي ويو، باهه تي ظابطو آڻڻ بعد پوليس جي موجودگي ۾ فائيربرگيڊ جي عملي باهه لڳل گھر جي ڪمري جو دروازو ٽوڙي فوتي جو لاش کڻائي سول اسپتال ميرپورخاص پهچايو، جتان قانوني ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، فوتي جو لاش گھر پهچڻ تي گھر ۾ ڪهرام مچي ويو، وارثن موجب سيءُ کان بچڻ لاءِ ڪمري ۾ هيٽر ٻاريل هو، جنهن مان باهه بستر کي لڳي، ڪمرو مٿين منزل تي هجڻ جي ڪري اسان کي دير سان خبر پئي، ڪمري مان دونهن نڪرڻ جي ڀروارن اطلاع ڏنو، جنهن تي فائيربرگيڊ جي عملي کي طلب ڪيو، جنهن پهچي باهه کي وسايو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو