295

عمرڪوٽ ۾ بجير برادري طرفان مقتول جو لاش رکي احتجاجي ڌرڻو، ٽائرن کي باهيون

عمرڪوٽ (رپورٽ:اشوڪ ڪمار) عمرڪوٽ شھر جي بجير پاڙي ۾ ھفتو اڳ ۾ بجير برادري جي ٻن ڌرين ۾ ٿيل جھيڙي بعد زخمي ٿيڻ بعد حيدرآباد جي اسپتال ۾ فوت ٿي ويل رگھوير بجير جو لاش گذريل رات حيدرآباد مان عمرڪوٽ پُھتو، جنھن بعد وارثن ڪالھه فوتي جو لاش کڻي عمرڪوٽ شھر جي مک الله واري چوڪ تي آندو، جتي لاش رکي احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو ۽ ٽائرن کي باھيون ڏنيون ويون، جنھن سبب مختلف شھرن ڏانھن ايندڙ ۽ ويندڙ ٽريفڪ 4 ڪلاڪ معطل ٿي ويئي، احتجاج دوران مظاھرين طرفان سخت نعري بازي ڪئي ويئي ۽ دانھيندي وارثن رامون بجير، دولت، وشنو، ڪانجي ۽ ٻين چيو ته سندس برادري جي ماڻھن بيگناھ اسان جي پلاٽ تي ھلان ڪري ٻن ڄڻن کي ماري ظلم ڪري ڇڏيو آھي، پوليس ڪيس ۾ نامزد ٻين جوابدارن کي اڃا تائين گرفتار نه ڪري سگھي آھي جيڪا اسان سان ٻي زيادتي آھي، ھنن چيو ته جوابدارن کي بچائڻ لاءِ بااثر ڌريون سرگرم آھن اسان جي ڪوبه داد رسي ڪرڻ لا تيار ناھي، ڪنھن در اڳيان دانھيون، مامري جو اعلي اختياريون نوٽيس وٺي انصاف ڏيارين، جڏھن ته مسلسل چئن ڪلاڪن تائين لڳل ڌرڻي تي ايس ايس پي عمرڪوٽ شاھجان پٺاڻ پوليس اٽالن سان پُھچي ڳالھيون ڪندي انصاف ڏيارڻ جي يقين ڌياني ڪئي جنھن بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو ۽ فوتي جو لاش سول اسپتال عمرڪوٽ نيو ويو، جتي ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، جنھن بعد فوتي جا وارث لاش کڻائي گھر پُھتا، جتي روڄ راڙو قھرام مچي ويو، جڏھن ته فوتي جون آخري رسمون ادا ڪرڻ محل علائقي ۾ پڻ سوڳوار ماحول ٿي ويو، واضع رھي ته پلاٽ جي تڪرار تان فوتي رگھوير بجير جو وڏو ڀاءُ چندڻو بجير پڻ 2 ڏينھن اڳ ۾ ساڳي ٿيل جيھڙي ۾ زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويو ھو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو