اسلام آباد/ڪراچي(م ڊ) سنڌ ۾ ڪورونا جي عالمي وبا 18 حياتيون کسي ورتيون، 1100 نوان ڪيس ظاهر ٿيا، ملڪ ۾ 63 ڄڻا فوت، برطانيا ۾ ظاهر ٿيل نئون ڪورونا وائرس ڪراچي پهچي ويو، ٽن ڄڻن ۾ نئون قسم ظاهر، ٽن ڄڻن کي ڪورونا، خانگي اسپتال داخل ڪيا ويا، رپورٽ موجب پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس وگهي هڪ ڏينهن دوران 63 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن جڏهن ته هينئر تائين گڏيل طور تي 9 هزار کان وڌيڪ مريض ماڻهو هن موذي وبا سبب حياتيون وڃائي چڪا آهن. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 30 هزار 666 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا، جنهن کانپوءِ گڏيل طور تي ڪورونا 19 ٽيسٽن جو انگ 66 لک 19 هزار 983 ٿي ويو آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ وڌيڪ هڪ هزار 776 هاڪاري ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، اهڙي طرح پاڪستان ۾ ڪورونا جي گڏيل مريضن جو انگ 4 لک 75 هزار 085 ٿي ويو آهي. سرڪاري انگن اکرن موجب هينئر تائين سنڌ ۾ 2 لک 12 هزار 093، پنجاب ۾ هڪ لک 36 هزار 669، خيبرپختونخواهه ۾ 57 هزار 746، اسلام آباد ۾ 37 هزار 390، بلوچستان ۾ 18 هزار 099، آزاد ڪشمير ۾ 8 هزار 235 ۽ گلگت بلتستان ۾ 4 هزار 853 ڄڻن ۾ ڪورونا جي سڃاڻپ ٿي آهي. سرڪاري انگن اکرن موجب هن وقت ملڪ ۾ ڪورونا جي فعال مريضن جو انگ 39 هزار 599 ٿي ويو آهي جڏهن ته 2 هزار 259 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 63 فوتگيون ٿيون آهن، جنهن کانپوءِ هاڻي هن وبا سبب فوت ٿي ويلن ماڻهن جو گڏيل انگ 9 هزار 992 ٿي ويو آهي. اين سي او سي موجب ڪورونا سبب هڪ ڏينهن ۾ هڪ هزار 602 مريض صحتياب ٿيا جنهن کان پوءِ صحتياب ٿيندڙ مريضن جو انگ 4 لک 25 هزار 494 ٿي ويو آهي، ٻئي طرف سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 18 مريض فوت ٿي چڪا آهن جڏهن ته فوتين جو ٽوٽل انگ وڌندي 3520 تائين پهچي ويو آهي ۽ 13092 نمونن جي جاچ ڪئي وئي جنهن مان 1100 نوان ڪيس ظاهر ٿيا. اڱاري ڏينهن وزيراعليٰ هائوس مان جاري ڪيل هڪ بيان ۾ هن چيو ته ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 18 مريض پنهنجون حياتيون وڃائي چڪا آهن ۽ انگ 3520 تائين پهچي ويو آهي جيڪا فوتين جي شرح جو 1.6 سيڪڙو آهي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته 13092 نمونن جي جانچ ڪئي وئي جن مان 1100 ڪيس ظاهر ٿيا جيڪي موجوده تشخيصي شرح جو 8.4 سيڪڙو آهن. هن وڌيڪ چيو ته هيستائين 2334330 ٽيسٽ ڪيا ويا آهن جنهن جي نتيجي ۾ 213193 ڪيس پڌرا ٿي چڪي آهن جن مان 90 سيڪڙو يعني 191150 (مريض) صحتياب ٿيا آهن جن ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 2799 مريض پڻ شامل آهن. مراد علي شاهه چيو ته هن وقت 18523 مريضن جو علاج هلي رهيو آهي جن مان 17775 گهرن ۾، 16 آئسوليشن سينٽرن ۽ 732 مختلف اسپتالن ۾ آهن. هن وڌيڪ چيو ته 653 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وئي آهي ۽ 79 مريضن کي وينٽيليٽرز تي منتقل ڪيو ويو آهي. بيان موجب 1100 نون ڪيسن مان 925 ڪراچي جا آهن جن ۾ ضلع اوڀر 452، ضلع ڏکڻ 251، ضلع ڪورنگي 103، ضلع سينٽرل 66، ضلع اولهه 31 ۽ ضلع ملير 22 شامل آهن. حيدرآباد 53، جيڪب آباد 12، ميرپور خاص ۽ سانگهڙ 11-11، مٽياري 9، گهوٽڪي 8، ٺٽو 7، ٽنڊوالهيار 5، ٽنڊو محمد خان 4، عمرڪوٽ ۽ سانگهڙ 3-3، لاڙڪاڻو ۽ نوشهروفيروز 2-2، دادو، خيرپور، شهيد بينظير آباد، شڪارپور ۽ سجاول ۾ 1-1 ڪيس رپورٽ ٿي چڪا آهن. وڏي وزير صوبي جي عوام تي زور ڀريندي چيو آهي ته حڪومت پاران جاري ڪيل ايس او پيز تي عمل ڪيو وڃي.
290