ڄامشورو (ڊسٽرڪٽ رپورٽر) سنڌ جي مانائتي شخصيت، تعليمي ماهر، اديب ۽ دانشور پروفيسر سيد قلندر شاهه لڪياري جي ياد ۾ تعزيتي ميڙاڪو ۽ سنڌي اردو طرحي مشاعرو ڪوٺايو ويو، ڪاروان ادب سنڌ (ڪاس) ۽ سنڌي ادبي سنگت شاخ ڄامشورو ۽ ڪوٽڙي جي سهڪار سان ڄامشورو ۾ المنظر ڀرسان رائلو مياڻ ۾ سندس رهائشگاهه دائره قلندر تي منعقد ڪيل تعزيتي ميڙاڪي ۽ مشاعري ۾ پروفيسر سيد قلندر شاهه لڪياري جي خاندان جي ماڻهن، سماجي شخصيتن ۽ دوستن سوڌو سنڌ جا سنڌي، اردو ۽ انگريزي زبان جي ناليوارن اديبن، شاعرن، دانشورن ۽ قلمڪارن شرڪت ڪئي. سنڌي ادبي سنگت جي اڳوڻي سيڪريٽري جنرل ۽ ناليواري اديب تاج جويو، ڪاروان ادبي سنگت (ڪاس) جي چيئرمين پير غلام مجدد سرهندي، جنرل سيڪريٽري پير بھائو الدين سرهندي، غلام رسول غرق، دلدار جانوري، محمد يوسف جويو، ڊاڪٽر فتح علي ٽالپر، ڊاڪٽر نور علي غضنفر، علي نواز پلي، گلشير ڪوريجو، ڊاڪٽر سيد سليمان شاهه، سيد سردار شاھ، طارق امام جوڻيجو، سليمان ڏاهري، زاهد اوٺو، علي دوست عاجز، محمد فواد قادري، شيخ عبدالله ڪوهستاني، رجب آزاد سولنگي، قمر لطيفي، سليم چنا، پروفيسر آدم ٻٽ، ڊاڪٽر محمود عالم آسي، سجاد اڪبر مغيري، انعام ٽکڙائي، نسيم شيخ، نظر محمد فاطمي، سيف الله سيف، مير مجاهد پلي، لطيف دانش، سيد سليمان شاهه، ڊاڪٽر الهه بچايو ڪاڪا، شفيع محمد چانڊيو ۽ ٻين پروفيسر قلندر شاهه لڪياري جي شخصيت تي تقريرن، نثر ۽ نظم جي صورت ۾ زبردست ڀيٽا پيش ڪئي. مقررن جو چوڻ هو ته قلندر شاهه لڪياري اعليٰ پائي جو مفڪر هو، جيڪو گهڻ ٻولين جو ڄاڻو هو، سندس اڻ ڇپيل مواد توڙي تقريرن، مختلف ڪتابن جي مهاڳن سوڌو سندس تي مختلف شخصيتن پاران لکيل مضمونن کي گڏ ڪري ڪتابي شڪل ۾ آندو وڃي، ان لاءِ سندس وارث، دوست، سنڌي ٻولي جا ادارا ۽ سنڌ حڪومت ڪردار ادا ڪري. تعزيتي ميڙاڪي ۾ گهر ڪئي وئي ته سنڌ حڪومت پروفيسر قلندر شاهه لڪياري جي نالي سان يادگار لائبريري قائم ڪري، سنڌ يونيورسٽي جي انگريزي شعبي کي قلندر شاهه لڪياري جي نالي سان منسوب ڪيو وڃي ۽ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ۾ سندس نالي سان ڪارنر قائم ڪيو وڃي. تعزيتي ميڙاڪي ۽ مشاعري جي موقعي تي ڪتابن جو اسٽال پڻ لڳايو ويو هو، جتي سنڌي اردو ۽ انگريزي زبان جا ڪتاب رکيا ويا هئا جن ۾ شاعري، تاريخ، لطيفيات، لسانيات سوڌو فون لطيف جي مختلف موضوعن جا ڪتاب شامل آهن.
349