214

ڳالهيون ڪامياب: پنجاب جي سرڪاري استادن پاران بني گالا ۾ هنيل ڌرڻو ختم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي سرڪاري استادن بني گالا ۾ مطالبا منظور ڪرڻ واري يقين ملڻ تي ڌرڻو ختم ڪري ڇڏيو آهي. پنجاب جي سرڪاري استادن سان ڊي سي راولپنڊي پاران ڳالهين کانپوءِ بني گالا ۾ ڌرڻو ختم ڪيو ويو آهي. سيڪينڊري اسڪول ٽيچرز جي ڪور ڪميٽي جي چيئرمين قاسم بخاري جو چوڻ آهي ته اسلام آباد انتظاميا گذريل ڏينهن ڳالهين ۾ مسئلا حل ڪرڻ جو يقين ڏياريو، ڊي سي اسلام آباد جي واعدي تي اسان ڌرڻو ملتوي ڪري رهيا آهيون، جيڪڏهن مطالبا منظور نه ٿيا ته هڪ ڏينهن جي نوٽيس تي ٻيهر بني گالا ۾ احتجاج ڪنداسين.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو