اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڀارت پاران لائن آف ڪنٽرول تي جاري اشتعال انگيزي تي پاڪستان سخت احتجاج ڪندي چيو آهي ته ڀارتي حرڪتون علائقائي امن لاءِ خطرو آهن. پرڏيهي آفيس مان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ايل او سي تي جاري اشتعال انگيزي تي ڀارتي سينيئر سفارتڪار کي پرڏيهي آفيس طلب ڪندي سخت احتجاج ڪيو آهي. ڀارتي فورسز 19 ڊسمبر تي ايل او سي جي رک چڪري سيڪٽر تي بناجواز فائرنگ ڪري ڏني، جنهن سبب ناري سخت زخمي ٿي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته هلندڙ سال ڀارت سيز فائر معاهدي جي 3003 ڀيرا ڀڃڪڙي ڪري چڪو آهي، ڀارتي فورسز ايل او سي ۽ ورڪنگ بائونڊري تي شهري آبادي کي نشانو بڻائي رکيو آهي، ڀارتي جي اهڙين حرڪتن سان 27 بيگناهه شهري شهيد ۽ 250 زخمي ٿي چڪا آهن، ڀارت جو عام شهرين کي نشانو بڻائڻ عالمي قانون ۽ قدرن جي نفي آهي، ڀارت جو اهڙو عمل علائقائي امن لاءِ خطرو آهي.
195