277

جنهن جي دل گهري لانگ مارچ ڪري وٺي، اسان استقبال لاءِ تيار آهيون: شيخ رشيد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد جو چوڻ آهي ته جنهن جي دل گهري لانگ مارچ ڪري، اسان استقبال لاءِ تيار آهيون. اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي شيخ رشيد جو چوڻ هو ته وزيراعظم عمران خان قوم کي اڳيان وٺي ويندو، هو معيشت کي بهتر ڪندو، عمران خان جي ڪري پوليس کي پهريون ڀيرو عزت ملي رهي آهي، 23 ڊسمبر تي وزيراعظم پوليس لائنز ۾ تقريب ۾ شرڪت ڪندو. شيخ رشيد چيو ته عمران خان مون تي اعتماد ڪيو، 100 ڏينهن ۾ گهرو وزارت ۾ تبديلي ايندي، هن وقت 10 ملڪن ۾ سڃاڻپ ڪارڊ ۽ پاسپورٽ جاري ڪرڻ جو انتظام ڪيو آهي، سڄي دنيا ۾ گهرو وازرتن سان ملي سڃاڻپ ڪارڊ ۽ پاسپورٽ اماڻينداسين، هڪ لک سڃاڻپ ڪارڊ روزاني جي بنياد تي جاري ٿيندا، جڏهن ته پهريون مفت ۾ هوندو، سمورن علائقن ۾ سڃاڻپ ڪارڊن لاءِ آفيسون کولينداسين. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان 5 سال پورا ڪندو، جن کي استعيفائون فيبروري ۾ ڏيڻيون آهن اهي سڀاڻي ڏئي ڇڏين ۽ پنهنجو شوق پورو ڪن، جنهن جي دل گهري لانگ مارچ ڪري وٺي، اسان استقبال لاءِ تيار آهيون.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو