229

ڪراچي ۾ڊي سي ڏکڻ جي ڪارروائي، ايس او پيز جي خلاف ورزي ڪرڻ تي3 فائيو اسٽار ريسٽورينٽ سيل

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ) ڪورونا ايس او پيز جي خلاف ورزي ڪرڻ تي فائيو اسٽار هوٽلن ۾ قائم ڪيل 3 ريسٽورينٽ کي سيل ڪيو ويو آهي، ڊي سي ڏکڻ ارشاد علي سوڍر ڪارروائي ڪندي ٽنهي هوٽلن کي ايس او پيز جي خلاف ورزي ڪرڻ تي سيل ڪيو،  ڊي سي ارشاد علي سوڍر جو چوڻ هو ته ڪارروائي دوران علائقي جي 5 فائيو اسٽار هوٽلن تي ڇاپا هنيا ويا جن مان ايس او پيز جي خلاف ورزي ڪرڻ تي 3 ريسٽورينٽ کي سيل ڪيو ويو آهي، جن ۾ چاندني، سڪورا ۽ چائنيز ريسٽورينٽ تائي پان شامل آهن. ڊي سي جو وڌيڪ چوڻ هو ته ٽنهي هوٽلن ايس او پيز جي تحت انڊور ڊائيننگ تي پابندي آهي ۽ فائرو اسٽار هوٽلن ۾ قائم ٽئي ريسٽورينٽن خلاف انڊور ڊائننگ جي ڪري ڪارروائي ڪئي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو