236

پاڪستان کي ٻي ٽي ٽوئنٽي ۾ به شڪست، سيريز نيوزيلينڊ جي نانءُ

هملٽن (ويب ڊيسڪ) نيوزيلينڊ ٻئين ٽي ٽوئنٽي ۾ پاڪستان کي 9 وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيريز پنهنجي نالي ڪري ورتي آهي. نيوزيلينڊ جي شهر هملٽن ۾ کيڏي ويندڙ سيريز جي ٻئين ٽي ٽوئنٽي ۾ پاڪستان محمد حفيظ جي 99 رنسن جي شاندار اننگ سان مقرر 20 اوورن ۾ 163 رنسون ٺاهيون، جنهن جي جواب ۾ ڪيويز گهربل هدف هڪ وڪيٽ جي نقصان تي پورو ڪيو. نيوزيلينڊ پاران مارٽن گپٽل ۽ ٽم سيفرٽ اننگ جي جارحاڻي شروعات ڪئي، ڪپٽل 11 بالن تي 21 رنسون ٺاهي پويلين ڀيڙو ٿيو، جنهن کانپوءِ ڪپتان ڪين وليمسن ٽيم سيفرٽ جو ساٿ ڏنو ۽ وڌيڪ ڪنهن نقصان کانسواءِ پاڪستان کي شڪست ڏني. وليمسن 57 ۽ سيفرٽ 84 رنسن تي ناقابل شڪست رهيا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو