286

اسلام آباد ۾ بگڙيل ڀاءُ نشي لاءِ پئسا نه ملڻ تي ڇرين جا وار ڪري ڀيڻ کي قتل ڪري ڇڏيو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد ۾ واپڊا آفيسر جي پٽ  تيز ڇرين جا وار ڪري ڳلو ڪاٽي ڀيڻ کي قتل ڪري ڇڏيو آهي، اسلام آباد جي سيڪريٽريٽ ٿاڻي جي حد ۾ جوابدار عظميٰ مير نالي هڪ عورت جو ڇري سان ڳلو ڪپي قتل ڪري ڇڏيو آهي، مقتول عورت عظميٰ مير جو والد محمد مير واپڊا ۾ ايس ڊي او آهي. حد جي پوليس جو چوڻ آهي ته عظميٰ مير اسڪول ٽيچر هئي ، واقعي وقت سندس والد اباڻي ڳوٺ ويل هو، سندس ڀاءُ نشي لاءِ پئسا نه ملڻ تي ڇرين جا وار ڪري ڀيڻ کي قتل ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي،

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو