248

ڏنڊ ادا ڪرڻ کانپوءِ وزيراعظم عمران خان جي بني گالا واري رهائشگاهه قانوني قرار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڏنڊ ادا ڪرڻ کانپوءِ وزيراعظم عمران خان جي بني گالا واري رهائشگاهه قانوني قرار ڏني وئي آهي، جڏهن ته سي ڊي اي وزيراعظم عمران خان جي رهائشگاهه بني گالا جي نقشي جي منظوري پڻ ڏئي ڇڏي آهي. رپورٽن مطابق وزيراعظم عمران خان جي رهائشگاهه بني گالا کي قانوني قرار ڏنو ويو آهي، جڏهن ته سي ڊي اي وزيراعظم جي گهر جي نقشي جي منظوري پڻ ڏني آهي. سي ڊي اي وزيراعظم عمران خان تي 12 لک 6 هزار رپين جو ڏنڊ لاڳو ڪيو هو ۽ عمران خان ڏنڊ جي رقم بئنڪ ڊرافٽ ذريعي ادا ڪئي، جنهن کانپوءِ ان گهر کي قانوني قرار ڏنو ويو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو