لاهور (ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير اعظم سواتي جو چوڻ آهي ته مخالف ڌر جي استعيفيٰ ڏيڻ تي ڊي چوڪ وٽ 100 ديڳيون ورهائيندس ۽ سينيٽ چيئرمين کان سندن استعيفائون منظور ڪرائيندس. لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ريلوي واري وفاقي وزير اعظم سواتي جو چوڻ آهي ته پاڪستاني ادارن ۾ بهتري آڻڻ اسان جي اولين ترجيح آهي، جيڪڏهن آمريڪا ۾ پنهنجي ڪمپنين کي مٿي کڻي سگهان ٿو ته ريلوي کي به هڪ سال اندر منافعي بخش ادارو بڻائيندس، اداري کي نئين جدت سان ڪمرشل سائيڊ وٺي ويندس، ريلوي ۾ وڪٽوريا نظام نٿو هلي سگهي، اندرئين ۽ ٻاهرين مافيا ڪم ڪرڻ ناهي ڏيندي، اسان جي سنگنلز جا اشوز آهي، نيب سان ڳالهائيندس ته اسان کي ڪم ڪرڻ ڏئي. هن چيو ته ريلوي جو سڀ کان وڏو ريلوي وزير پورهيت آهي، جيڪڏهن اسان جي پورهيت جي معيشت بهتر ٿيندي ته وٽس ترقي ايندي، مان پورهيتن کي تحريڪ انصاف جا جهنڊا نه پر بهترين رهائش ۽ سهولتون ڏيندس، مان جنهن به وزارت ۾ رهيو آهيان اتي ڪم ڪري ڏيکاريو آهي، جيڪڏهن مان ڪنهن جو اهلڪار بڻجي ويس ته ريلوي تباهه ٿي ويندي ۽ قيامت جي ڏينهن مون کي ان جو جواب ڏيڻو پوندو.
305