267

قصور ۾ اڻڄاتل هٿياربندن فائرنگ ڪري پوليس اهلڪار کي قتل ڪري ڇڏيو

قصور (ويب ڊيسڪ) قصور جي علائقي حاجي شاهه شريف محلي ۾ اڻڄاتل موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن فائرنگ ڪري پوليس اهلڪار کي قتل ڪري ڇڏيو، مقتول محمد سليم پيٽرولنگ چوڪي کارا روڊ تي ڊيوٽي سرانجام ڏيندو هو ۽ ٽن ٻارڙن جو پيءُ هو. پوليس مطابق محمد سليم پنهنجي گهر واري کي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال مان دوا وٺرائي گهر وڃي رهيو هو ته رستي ۾ موٽرسائيڪل سوارن کيس روڪيو، پوليس اهلڪار جي گهر واري کي روڊ تي بيهاري سندس آڏو اهلڪار کي گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو