336

جوهي ۾صحافي نواز علي رند ۾ ياد ۾ ميڙاڪو، سياسي سماجي شخصيتن ۽ صحافين طرفان کيس ڀيٽا پيش

جوھي (ن سوڀ) جوهي پريس ڪلب جي اڳوڻي صدر نواز علي رند جي وڇوڙي تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو جنهن ۾ سياسي سماجي، علمي ادبي شخصيتن توڙي صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي،  پريس ڪلب ۾ رٿيل ميڙاڪي کي پريس ڪلب جي اڳوڻي صدر سوڀ جوھي جي عيوضي شھمير گاڏھي،  پير بخش ٻٻر، ايم بي ٻٻر، ڪامريڊ قربان کوکر، رشيد لغاري، ھاشم کوسو، علي شير لغاري، عباس گاڏھي، مشتاق رودناڻي، جوھي جي اڳوڻي چيئرمين غلام قادر جمالي، ڪامريڊ يوسف سولنگي، حاڪم علي لغاري، قادر پھنور، منظور ٻٻر، ڊاڪٽر عزيز چانڊيو، سندس پٽ دستگير رند، ڀائر ابوذر رند ۽ ٻين خطاب ڪندي زبردست ڀيٽا ڏني وئي..

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو