برلن (ويب ڊيسڪ) بيت الله جو دروازو ڊزائين ڪندڙ انجنيئر منير الجندي لاڏاڻو ڪري ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق شام سان تعلق رکندڙ انجنيئر منير الجندي جرمني ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. سعودي عرب جي شاهه خالد 1397 هجري ۾ بيت الله جو دروازو خاص سون سان تيار ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو هو ۽ ان ڪم لاءِ شام سان تعلق رکندڙ انجنيئر منير الجندي جي چونڊ ڪئي وئي، بيت الله شريف جي دروازي کي مڪه المڪرمه جي هڪ وڏي سوناري شيخ محمود بن بدر جي ڪارخاني ۾ ڊزائن ڪيو ويو، بيت الله جو دروازو 1398 هجري ۾ تيار ٿيو، جنهن ۾ 280 ڪلوگرام خالص سون استعمال ڪيو ويو.
291