151

ميهڙ: ميڊيڪل داخلائن ۾ هيراڦيري ڪرڻ تي پي ايم سي انتظاميا خلاف اميدوارن جو احتجاجي مظاهرو

ميهڙ(ن سوڀ) پي ايم سي پاران ميڊيڪل ۾ داخلا لاءِ ورتل ٽيسٽ جي نتيجي ۾ وڏي پيماني تي ڪيل هيرا ڦيري تي پي ايم سي انتظاميا خلاف متاثر شاگردن احتجاجي مظاهرو نيشنل پريس ڪلب ميھڙ اڳيان شاگرد تنظيمن جي اڳواڻن سمير مگسي محمد فھيم محمد امين ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي اميدوارن  دانھيندي چيو ته سنڌ جي شاگردن سان ميڊيڪل ٽيسٽ ۾ ناانصافي ڪئي وئي آھي ميھڙ تعلقي جي ڪيترن ئي شاگردن ۽ شاگردياڻين جي سيٽ نمبرن تي پاس مارڪون کڻندڙن جي جاءِ تي  پنجاب ۽ خيبر پختون خواہ جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي پاس ڪري ظلم جي انتھا ڪئي وئي آھي ھنن چيو ته محمد فھيم جي 4001701 هن سيٽ نمبر تي اسڪور 174 آهي پر نتيجي واري لسٽ ۾ خيبر پختونخوا جي هڪ شاگرد کي ڏنو ويو آھي ۽ محمد امين جي سيٽ نمبر 4002158 تي پنجاب جي هڪ شاگردياڻي کي پاس ڪيو ويو آھي اھڙي طرح ڪائنات سومرو 4001943 ۽ جمشيدہ سومرو 4002789 جي پڻ رزلٽ ۾ تبديل ڪئي وئي آھي جيڪا وڏي غلطي ۽ ناانصافي پڻ آهي جنهن جو جلد ازالو ڪيو وڃي ٻي طرف احتجاجي تحريڪ ھلائي ويندي

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو