334

”راز ناٿن شاهي جي شاعري جو اڀياس“

ليکڪ: ذوالفقارگاڏهي

علي شير پٽ نور محمد ميراڻي شاعراڻو نالو رازناٿن شاهي. قيامِ پاڪستان کان هفتو اڳ، 7 آگسٽ 1947ع تي سنڌ جي لکنو، باغِ عدن جھڙي شهر خيرپورناٿن شاهه ۾ ڄائو. 1960ع ڌاري شاعريءَ جي جهان ۾ پير پاتو، فنونِ لطيف سان هن جو تعلق گھڻ پاسائون آهي، اسٽيج اداڪاريءَ کان پينٽنگ، ڪيليگرافي، ڪهاڻيڪار، ڊراما نگار، شاعر تائين هن پنهنجو پاڻ مڃرايو ۽ شاعريءَ ۾ هن تقريبن سڀني صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي. غزل، گيت، وايون،نظم، دوها، بيت، رباعي، نثري نظم ۽ آزاد نظم تائين هن پاڻ موکيو آهي ۽ هن جي اِن گھڻ پاسائين ڪم مان آئون اوهان کي اڄ سندس شاعريءَ سان ملائيندس. هي سندس هڪ نظم جوٽڪرو آهي.

چنڊ چريا او چنڊ چريا! تنهنجي مومل آ ڪهڙي

اهڙي هوندي سهڻي جھڙي يا هوندي راڌا جھڙي

اهڙي هوندي هي ڏس جھڙي منهنجي پياري آهي

تون بِي شرمائين، هوءَ جيڪر پنهنجو گھونگھٽ لاهي

نظم ۾ چنڊ سان مخاطب ٿي جيڪا هن ڳالهه ڪئي آهي، اها وڻندڙ آهي ۽ ان ۾ وڻندڙ جمالياتي ٽچ، گداز احساسن کي اڀارين ٿا.

هن ”او“ ۾ هڪڙو سڏ آهي ۽ اهو ”او“ ئي هن جو حسن به آهي. ان ۾ محبوب جي نيڻن کي سنڌو دريا جيان گھرو۽ پائيندڙ ڏسيو ويو آهي. جيڪو هر شيءِ پايو اڳتي روان ۽ دوان آهي ۽ ان سنڌو، نيڻن جي ڪٿا بيان ڪرڻ چاهي ٿي. هي احساس راز جا پنهنجا آهن، جيڪي هن ڪنهن کان اوڌارا ڪونه ورتا آهن ۽ ان کانسواءِ هي پيرايو به راز جو پنهنجو آهي. اهو به هن ڪنهن کان اوڌارو ناهي ورتو. راز جڏهن شاعري ڪئي پئي آزاد نظم ان وقت نئون نئون سنڌ ۾ متعارف ٿي رهيو هو. ۽ ان تي اسان جا شاعر رڳو تجربا  ئي ڪري رهيا هئا. ۽ راز ان وقت به اهڙا مڪمل ۽ ميچوئر نظم لکي، اهو ثابت ڪري ڏيکاريو ته راز هڪ مڪمل ۽ ميچوئر شاعر آهي. شاعر جي دنيا سڀ کان الڳ، سڀ کان نرالي هوندي آهي. شاعرن کي جتي کلندي ڏٺو ويو آهي اتي ان ئي گھڙي رئندي به ڏٺو ويو آهي. سندن دماغ جتي دنيا جي ڪاروهنوار ۾ پاڻ کي کپائي ڇڏيندو آهي، اتي سندن دل پيار ئي رڳو پيار جي گھرجائو رهي آهي. ۽ سندن روح کي ڪنهن سهڻي شي تي اڪن ڇڪن ٿيڻ کان ڪو به روڪي ناهي سگھيو.

نور ڀريا او چنڊ لهي اچ، دل جي مون سان اور

تنهنجي بِي دل ۾ ڦاٿل آ، ڪنهن جي پيار جي ڏور

هي راز جو دوهو آهي ۽ دوهو اسان جي اساسي شاعريءَ جو اهم جز آهي. جيڪو اسان جي شاعري مان گھڻي ڀاڱي نڪري ويو آهي. جنهن کي ٻيهر جيارڻ جي سخت ضرورت آهي. پر شايد اهو هاڻ ناممڪن لڳي ٿو. پر اهو ته ڪري سگھجي ٿو ته سنڌ ۾ جن دوها لکيا آهن، انهن کي گڏ ڪجي، ماضي بعيد کان قريب تائين يا حال ۾ جن به دوها لکيا آهن انهن کي ڪٺي ڪري ڪو ڪتابي صورت ۾ آڻجي ته دوها گڏ به ٿي ويندا ۽ انهن جي هڪڙي تاريخ به جڙي پوندي. پر اهو ڪم ڪري ڪير؟ اهو ڪم ادبي ادارن جو آهي. پر اسان کي پنهنجي ادارن جو ڪم ساريو پيو آهي.اسان جي استاد شاعرن رباعيءَ مان اڪتائجي قطعي کي جنم ڏنو. ان لاءِ جو رباعيءَ جي مخصوص وزن کين دق ڪري وڌو هو. تنهن ڪري انهن هن کي ڪجهه آزادي ڏني. پر چوسٽي جي به اها تنگ داماني ان جي لاءِ ماحول سازگار ڪري نه سگھي. ۽ اهو چوسٽو به اسان وٽ هڪ مري ويل صنف جيان آهي.  ناٿن شاهي شاعرن ۾ تقريبن سڀني شاعرن اهي چوسٽا لکيا. نشتر ناٿن شاهي، آثم ناٿن شاهي، وفاناٿن شاهي (چاهي جو وفا ناٿن شاهيءَ جي چوسٽن يا رباعين جو تعداد محدود آهي، پر هن غزل جي بادشاهه شاعر به چوسٽا توڙي ٻيون صنفون ٽيڙو، بيت، دوها لکيا آهن) وقار ناٿن شاهي آهي يا ان کان پوءِ جي شاعر تاثير ناٿن شاهي به چوسٽا لکيا آهن. تڏهن به اها صنف رباعي يا مثنوي، مسدس، مخمس، مثمن، معشر جيان ناپيد ٿي وئي آهي. ۽ اسان کي اهڙيون صنفون جيڪي مري ويون آهن يا مري رهيو آهن. انهن جي سنڀال لهڻي آهي. ۽ جڏهن اسان اهو فريضو ڏئي ورتو ته اسان جو ادب پاڻمرادو شاهوڪار ٿي ويندو. اسان کي اهڙين شين کي ڪٺو ڪرڻو آهي. انهن کي سهيڙي گڏ ڪرڻو آهي ــ پر ڪير ڪري؟ ايئن پنج ڪڙو به آهي، جيڪو اسان وٽ پنج ڪڙي جي سڌي سنئين نالي کان علاوه ٽنڪا، رينگا ۽ لمرڪ جي نالي سان لکيو ويو آهي جنهن جي سٽن ۾ ٿوري گهڻي تبديلي سان هن کي مختلف نالا ڏنا ويا آهن. لمرڪ جو اسان وٽ موجد پارس حميد آهي ۽ پارس حميد نثري نظم جو انتهائي سگھارو نالو آهي،  پر هي جيڪي پنج ڪڙا مختلف نالن ۾ لکيا پيا وڃن، اهي اڃا تائين پذيرائي ناهن ماڻي سگھيا. تنهن ڪري چڙي چڙي ساهه کڻي رهيا آهن. اهو صرف ان ڪري جو اسان انهن کي اهو جائز مقام ناهيون ڏئي سگھيا ۽ هاڻ هڪ وائيءَ جا شعر به اوهان سان ونڊي ڇڏيان.

تنهنجي لاءِ اکين ۾ اڄ بِي

ڀرجي آيا بادل ـــــــــــ او

خوشيون روئن، نوحا ڳائن

گل گل آ ڪومايل ــــ او

هن وائي ۾ ڪنهن حد تائين گيت جو رچاءُ به آهي ته ڪنهن حد تائين هي غزل کي به پنهنجي ويجھو کڻي آئي آهي. پر هن ۾ اهو “او” واري سڏ هن کي ڇڪي ٻنهي صنفن کان پري ڪري بيهاريو آهي. نه ته جي اسان اها وراڻي واري سٽ ڪڍي ڇڏيون ته ان ۾ غزل جو شائبو به نظر اچي ٿو، پر اسان هن کي گيت ۽ غزل بدران وائي ان ڪري سڏيون ٿا جو اها انهن خوبين هوندي به نه گيت آهي نه غزل هي مڪمل وائي آهي ۽ وائي اسان جي ڪلاسڪ ادب جو قيمتي اثاثو آهي. وائي ۽ بيت تي اسان جي ادب جي اساس بيٺل آهي. وائي کي لطيف کان پوءِ شيخ اياز اوج رسايو۽ پوءِ اسان جي ٽهي تائين وائي جو شاندار سفر اسان جي سامهون آهي. جنهن ۾ ناٿن شاهي شاعرن به پاڻ موکيو آهي. هي ان جو هڪ انمول نمونو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو